SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


قصيدو


:جامع سنڌي لغات ۾

قصيدو

قصِيدو جمع قَصِيدا

ذ. قَصَائد ع قَصِيدَه شعر جو هڪ قسم ، ڪنهن جي تعريف ۾ چيل هڪ سؤ کان وڌيڪ بيتن ۾ چيل شعر ساراهه ۽ واکاڻ وارو نظم.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

قصيدو

(Eulogization)

”قصيدو“ عربي لفظ ”قصد“ مان نڪتو آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”ارادو ڪرڻ. اصطلاحي معنيٰ موجب، اهي ڳچ جيترا هم وزن بيت، جن مان پهرئين بيت جون ٻئي سٽون پاڻ ۾ هم قافيه هجن ۽ ٻين بيتن جي فقط پوئين سٽ پهرئين بيت جي ٻنهي سٽن سان هم قافيه هجي. قصيدو ان نظم کي چيو ويندو اھي جنھن ۾ ڪنھن جي تعريف ڪئي وڃي. ان سان گڏ قصيدي ۾ بھار جو ذڪر بھ ايندو اھي. ھن ۾ بيتن جو تعداد مقرر نھ ھوندو اھي، قصيدي ۾ مير عبدالحسين سانگي(1851-1942ع)، مرزا قليچ بيگ (1853-1929ع)، محمد ھاشم مخلص (1860-1924ع) وغيره جا نالا اچي وڃن ٿا.


.


قصيدو بابت وڌيڪ اصطلاح

  • غزل، قصيدو
  • مدح، قصيدو

  • Remember Me Also:

    پاسر

    ذ. مڇيءَ جو هڪ قسم ڇلرن سان، پيٽ اڇو، پُٺي ڪاري ۽ ڊيگهه چئن کان پنجن انچن تائين.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal