SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


فرد


:جامع سنڌي لغات ۾

فرد

فَردُ جمع فَردَ

صفت. هڪ ، هڪڙو ، واحد ، يڪو ، اڪيلو ، تنها ، ڇڙو. ذ. پنو ، ورق ، صفحو ڪتاب وغيره جو. پن. شعر جو هڪ قسم.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

فرد

(Individual)

ادب ۾ جنس جو ذڪر جڏهن حد کان وڌي وڃي ۽ ٻيو ڪو ڪارج رکڻ کانسواءِ محض لذت ۽ چشڪي لاءِ شامل ڪيو وڃي ته ان کي فحاشي چئبو آهي. ”فرد“ عربي لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ’اڪيلو، واحد، ڇڙو يا مجرد‘. اصطلاحي معنيٰ موجب هي عروضي شاعريءَ جي اها صنف آهي، جنهن ۾ هڪ ئي بند هجي. فرد، غزل جي بند، يا قطعي/ٽڪري جي صدرت ۾ هوندو آهي. ان ۾ ٻه يا چار سٽون به ٿي سگهن ٿيون، جن ۾ قافيو ٿي به سگهي ٿو ۽ نه به ٿي سگهي ٿو. انهن مان ڪنهن سٽ ۾ قافيو هجي ته به ان جي ڪا پابندي ناهي. هن صنف جي شروعات به ايران جي فارسي شاعرن کان ٿي. فرد جي مجموعه ڪلام کي مفردات چئبو آهي. فرد صنعت لف و نشر جيان هوندو آهي، يعني ان جي پهرين مصرع /سٽ ۾ ڪا ڳالهه مجموعي طور ڪئي ويندي آهي ۽ سٽ/ مصرع ۾ ان جي حقيقت کي کولي واضح ڪيو ويندو آهي. فرد ۾ جيڪڏهن ٻئي مصرعون/سٽون هم قافيه هجن ته ان جي صنف کي ذو قافيتين چيو ويندو آهي.


فرد سان لاڳاپيل لفظ


.


فرد بابت وڌيڪ اصطلاح

  • افراد و فرد
  • اوپرو، اجنبي، ڌاريو، اوڦٽو، ٻيءَ قوم جو فرد
  • بقايا جو فرد
  • جنهن جي تخليقي صلاحيت کان محروم فرد
  • حق جو فرد
  • ذميوار فرد
  • سزايافته فرد
  • عوامي خدمت جو جذبو رکندڙ فرد
  • قرض نه موٽائيندڙ فرد
  • ماهر سفارتي عملو-خاص مقصد لاءِ چونڊيل سفارتي فرد
  • هڪ، شخص، فرد
  • ٻيو فرد
  • پن، پتو، پترو، ورق، فرد
  • ڪاريون رڍون- ناقابل اعتماد فرد
  • ڪاپي ايڊيٽر، آيل مواد ڇپائيءَ لاءِ تيار ڪندڙ فرد

  • .


    فرد لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    مسخرياڻي

    مَسخِرِياڻِي جمع مَسخِرِياڻِيُونُ

    ث . صفت. مسخري ڪندڙ (عورت). (گاجرا).

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal