SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


غيرجانبداري


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


غيرجانبداري

Neutralism

نيوٽرلزم

سرد جنگ جي دور ۾ شروع ٿيل هن اصطلاح جو مطلب ڪنهن به رياست طرفان ٻن رياستن ۾ هلندڙ تڪرار کان پاڻ کي پري رکڻ ۽ ٻنهي ڌُرين ڏانهن هڪجهڙي روش اختيار ڪرڻ آهي. ائين ڪندي هروڀرو اهو ضروري ناهي ته اهڙو ”غيرجانبدار“ مُلڪ مڙني عالمي تنازعن ڏانهن ساڳي نيتي رکندو هجي. يعني عين مُمڪن آهي ته ”غيرجانبدار“ مُلڪ ڪنهن هڪ عالمي مسئلي ڏانهن اڻ - ڌُريو رهندي، مقامي ۽ علائقائي مسئلن تي ڪنهن خاص اتحاد جو حصو بڻيل رهي. ۽ هڪ تنازعي کان ٽارو ڪندي ٻئي ۾ بهرو وٺندو هُجي. ان ڏس ۾ ڀارت کي مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو. جنهن ”سرد جنگ“ ۾ غيرجانبدار رهندي به، علائقائي حوالي سان سوويت يونين سان لاڳاپا برقرار رکيا. عالمي سياسي نظام ۾ نئين آزاد ٿيل يا ڪمزور رياست لاءِ سلامتي ماڻڻ ۽ قومي مُفادن جو بچاءَ ڪرڻ جي ڏس ۾، هن نظريي تحت سرد جنگ واري زماني ۾ ٻنهي عظيم طاقتن تي دٻاءُ وڌيو ۽ اُنهن هڪڙين رياستن ڏانهن مخصوص فوجي ۽ سياسي پاليسيون رکندي به سماجي، معاشي ۽ ترقياتي معاملن تي اعتدال ڀريو رويو اختيار ڪيو. هن تحريڪ جي اڳواڻن ۾ جمال عبدالناصر، مارشل جوزف ٽيٽو، ڪوامي نڪروما، جواهر لال نهرو ۽ احمد سوئيڪارنو وغيره شامل آهن.


.


غيرجانبداري بابت وڌيڪ اصطلاح

  • هٿياربند غيرجانبداري

  • Remember Me Also:

    آچار ڪرڻ

    پنگتي رواج، يا راڄُوڻي هلي چليءَ موجب فيصلو نبيرڻ جنهن ۾ انصاف، رواج ۽ جرگو به اچي وڃي ٿو. فيصلو ڪرڻ. نياءُ ڪرڻ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal