SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


غزل


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

غزل

(Ghazal)

غزل، بنيادي طرح عربي زبان جو لفظ اھي، جنھن جي لغوي معنيٰ اھي ’عورت سان ڪلام ڪرڻ يا عشق محبت ونڊڻ‘. اصطلاحي زبان ۾ ائين چئجي، تھ ”غزل ۾ عشق محبت جو راز سمايل ٿئي ٿو. يعني عورت جي حسن ۽ نزاڪت، سينگار، جوڙ ۽ جنسار جي چٽيءَ طرح واکاڻ ٿيل ھوندي اھي.عربي قصيدي ۾ ”غزل“ شروعاتي حصو ھوندو ھو، جنھن کي ”تمھيد“ يا ”تشبيب“ چئبو ھو. قصيدي ۾ ساراھجندڙ شخص جي ثنا شروع ڪرڻ کان اک شاعر ڪي اھڙيون ڳالھيون ڪندو ھو، جن جو انداز عاشقاڻو ھوندو ھو. عربيءَ جي اثر ھيٺ، ايراني شاعريءَ ۾ بھ قصيدن جي روايت ائي ۽ انھن جي ”تشبيب“ ۾ بھ عشق، حسن، شباب جو ذڪر ھوندو ھو.ايران ۾ فارسي شاعر رودڪيءَ (941ع-880ع)، قصيدي جي شروعاتي حصي يعني تشبيب کي الڳ ڪري ان جو نالو ”غزل“ ۽ ائين شاعريءَ جي ھڪ نئين صنک رائج ٿي. تنھن کان پوءِ غزل گوئيءَ جو ھڪ سلسلو شروع ٿيو. جيڪو اڄ تائين ڪيترين ئي ٻولين ۾ جاري اھي.اھستي اھستي، عشقيھ مضمون سان گڏوگڏ اخلاق، فلسفي، تصوف، سياسيات ۽ سماجيات وغيره جا خارجي موضوع پڻ غزل ۾ اچڻ لکا. سنڌي شاعريءَ جي ھن صنف ’غزل‘ ۾ نمايان تبديلي آندي وئي اھي، جنهن ۾ ڪيترا مختلف موضوع شامل ٿيا اھن، جن ۾ جذبات جي کراوانيءَ ۽ تخيل کي خاص جاءِ حاصل اھي. انھيءَ جدت ۽ انفراديت، غزل کي سخن جي سانچي ۾، حقيقي معيار بخشيو اھي. صنف کي نه صرف ’عروضي قالب‘ ۾ پر ماترڪ ڇندن ۾ به لکيو وڃي ٿو. غزل جو هر بيت ٻن سٽن جو ھوندو اھي. جنھن ۾ مڪمل مضمون ھوندو اھي. پھرين بيت جون ٻئي مصرعون ھم قافيه ھونديون اھن. ان شعر کي ’مطلع‘ چئبو آهي. باقي ٻين بيتن جون پويون مصرعون پھرين بيت سان ھم قاکيھ ھونديون اھن. آخر ۾ ’مقطع‘ هوندو آهي، جنهن ۾ شاعر جو ’تخلص‘ ڪم ايندو آهي، غزل جي هر شعر ۾ جدا موضوع هوندو آهي. غزل ۾ پنجن کان گھٽ ۽ سترھن کان مٿي بيت نه هوندا هئا، پر هاڻي 100 ۽ ان کان مٿي بند لکيا ويا آهن، اهڙن شاعرن ۾ اردوءَ جا ناصر ڪاظمي، سنڌيءَ جا وفا ناٿن شاهي، ج. ع. منگهاڻي ۽ سعيد سومرو شامل آهن.


غزل سان لاڳاپيل لفظ


.


غزل بابت وڌيڪ اصطلاح

  • حسن غزل
  • رکڻ، وجهڻ، لاهڻ، گيت، بيت، غزل

  • Remember Me Also:

    ڦولو

    ذ. سُٽَ يا پَٽَ جو اوبري تان لٿل ڦوڙو ، ڍيرو.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal