SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


عورتازاد


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

عورتازاد

(Feminism)

فيمنزم يا عورتازاد ڪيترين ئي تحريڪن تي مشتمل هڪ نظريو، بلڪ هڪ فڪر آهي، جنهن جو مقصد عورتن لاءِ سياسي ، سماجي، معاشي حقن ۽ موقعن جي حاصلات آهي، جيڪي کين جنسي برابريءَ جي بنياد تي ملڻ گهرجن. ڇو ته عورتن واري انهي تحريڪ مطابق مردن پنهنجي مخصوص نظام تحت عورتن کي هميشه سياسي، سماجي، معاشي ۽ نفسياتي طور محروم ۽ غلام رکيو آهي، جنهن لاءِ سڀ کان وڏو الزام انهي تحريڪ پاران پدري نظام Patriarchy کي ڏنو ويندو آهي. ان کان علاوه سندن چوڻ موجب پدري نظام جنسيت Sexist تي مبني آهي، جيڪو غلط آهي. پدري نظام موجب عورتون پيدائشي طور ڪمتر Inferior، جڏهن ته مرد Superior ڄاڻايو ويو آهي. جڏهن ته عورتازاد انهي حياتياتي فرق (Biological Difference) کان انڪاري نه هوندي به انسان طور برابريءَ جي لاءِ ڪوشان آهي. سندن چوڻ موجب اها سڃاڻپ ثقافتي ۽ سماجي گهڙت Social Construction آهي، جيڪا ئي عورتن کي عورت بجاءِ مادي، هيڻي يا زناڻو بڻائي ٿي، ڇوته عورت جي ڪمزور، هيڻي ۽ نااهل هجڻ واري سڃاڻپ بايولاجيڪل نه، پر پدري اثر واري ثقافتي ۽ سماجي آهي. پدري نظام ئي اهڙي شناخت تي زور ڏي ٿو. سنڌي ادب ۾ خيرالنساءِ جعفري، نور الهديٰ شاهه، فهميده حسين، سحر امداد، تنوير جوڻيجو، نذير ناز، عطيه دائود، امر سنڌو ۽ ٻين ڪيترن ليکڪائن جي لکڻين ۾ ان فڪر جا عڪس ملن ٿا.


Remember Me Also:

پنء، پنئن، پنئون سٽ

ظرف. يڪدم ، بنا دير ، جهٽ پٽ. پهريائين.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal