SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


عقد


:جامع سنڌي لغات ۾

عقد

عَقدُ جمع عَقدَ

ذ. عَقَد = هن لاڳاپو ڳنڍيو. ڳنڍ ، ڳانڍاپو ، لاڳاپو. ٻنڌڻ. نڪاح. ٻول ، قبول ، انجام ، اقرار ، عهد ، پيمان.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

عقد

(Aqad)

عقد جي لفظي معنيٰ آهي ”ڳنڍ“ يا گرهه. اصطلاحي معنيٰ ۾ ان شعر کي چئبو آهي، جنهن ۾ ڪابه قرآن شريف جي آيت، ان جو جز، حديث يا ڪنهن مشهور قول/چوڻيءَ کي اهڙي طرح منظوم ڪيو وڃي، جو ان ۾ تغير اچي وڃي. شاهه، سچل ۽ ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعريءَ ۾ اهڙا انيڪ مثال موجود آهن. مثال طور شاهه جو هي شعر ڏسو: تو جنين جي تات، تن پڻ آهي تنهنجي فازکروني اذڪرڪم، اي پروڙج بات ته ڪاتي ڳڙوات، پڇڻ پر پرين جي.


عقد سان لاڳاپيل لفظ


.


عقد بابت وڌيڪ اصطلاح

  • ٻڌڻ، ڳنڍڻ ٻنڌ، ڳنڍ، گره، بند، عقد

  • Remember Me Also:

    سوڀي

    ث. صفت. حَسين ، مَلُوڪَ ، مَن موهن ،موهني ، سوڀياوان ، سونهن واري. سوڀ واري ، فتحمند ، جيتيندڙ. بختاور ، ڀاڳوان ، ڀاڳ واري ، سَدوري. مڙس وٽ مقبول عورت ، مڙس جي چاڳلي عورت.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal