SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


صحافت


:جامع سنڌي لغات ۾

صحافت

صَحافَتَ جمع صَحافَتُون

ث. لکڻ جو هنر ، اخبار نويسي.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

صحافت

(Journalism)

صحافت، لفظ صحيفيٰ مان اخذ ٿيل آهي. صحافت ۾ روزمره جي زندگيءَ جا واقعا، حالتون ۽ روزمره جي گهٽنائن کان عوام کي واقف ڪرايو ويندو آھي، عام طور اخبارن ۾ مقامي، ڏيھي ۽ پرڏيھي خبرن ڏيڻ سان گڏوگڏ سفرنامن جون قسطون، ايڊيٽوريل، ڪالم، مختلف ڏڻن تي نڪتل خاص اشاعتون ۽ خاص نمبر وڏو ادبي مواد مھيا ڪيو ويندو آهي. صحافت جا ٻه قسم آھن ھڪ پرنٽ ميڊيا (Print Media)، ٻيو برقي/ اليڪٽرانڪ ميڊيا (Electronic Media). صحافت کي ستن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. روزاني اخبار، هفتيوار، پندرهن روزه، ادبي رسالا، ڊائجيسٽ، پيش ورانه يا خاص گروهه، ريڊيو ۽ ٽي وي جي صحافت. جنهن زماني ۾ صحافت ، اخبارن تائين محدود هوندي هئي، تڏهن صحافت جو دائرو به اخبار نويسيءَ تائين هوندو هو، پر هاڻي صحافت کي خبرن، تبصرن ۽ تجزين، ڪالمن، مضمونن ۽ فيچرن تائين محدود رکي نٿو سگهجي، يا ان کي عوام۽ حاڪمن جي لاڳاپن ۽ رابطن جي پل واري حيثيت به ڏئي نٿي سگهجي، ڇو ته صحافت هڪ اهڙي ڪردار بنائڻ لاءِ ميدان تي آئي آهي، جيڪو قوم ۽ معاشري ۾ ساڃاهه (قوت تميز) وڌائي. بري ڀلي جي تميز کان پوءِ درست ۽ سڌو رستو وٺڻ آسان ٿئي ٿو ۽ ان تي هلڻ قوم جي ضرورت به بنجي ٿو. موجوده دؤر برقي صحافت (Electronic Media) جو دور آهي. بيشمار ٽي وي چينل، انٽرنيٽ، موبائيل وغيره صحافتي زندگيءَ کي تيز ڪري ڇڏيو آهي.


پرنٽ ٽيڪنالاجيءَ جي ڊڪشنريءَ مان:


صحافت

Journalism


صحافت سان لاڳاپيل لفظ


.


صحافت بابت وڌيڪ اصطلاح

  • زرد صحافت
  • ٻٽا شمارا صحافت

  • Remember Me Also:

    متعلم

    مُتَعَلِمُ

    صفت. (ع). تعليم حاصل ڪندڙ، سکيا وٺندڙ، طالب علم، شاگرد، مُبتدي، تلميذ. چيلو، ٻالڪو، پوئلڳ . (آصفيه).

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal