SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سهڪار


:جامع سنڌي لغات ۾

سهڪار

سَهِڪارَ جمع سَهِڪاروُن

ث. ٻَڌي ، ميل ، ايڪتا ، اتحاد. تعلقات. شامليت.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


دفتري اصطلاحن جي ڊڪشنريءَ مان:


سهڪار

Aiding


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


سهڪار

Accommodation

اَڪوموڊيشن

سفارتڪاريءَ ۾ خراب حالتن کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ مخالف ڌرلاءِ سڀ دروازا بند نه ڪرڻ جي عمل کي ’سهڪاري‘ رويي طور سڃاتو وڃي ٿو. هن صورت حال ۾ ڪنهن به غلط فهميءَ جي عنصر تحت وڙهندڙ ڌريون محسوس ڪنديون آهن ته معاملن کي سڌارڻ لاءِ هڪ ٻئي جي ضرورتن کي سمجهڻ ۽ علائقي ۾ مفادن جي صحيح ورڇ ڪرڻ ضروري آهي. هن رويي کي امن چاهيندڙ سفارتڪار تمام گهڻو پسند ڪن ٿا. ڪجهه محققن جو خيال آهي ته دنيا مان جهيڙا ختم ٿيڻا ناهن، ڇاڪاڻ ته ڪو به ملڪ پنهنجا بنيادي مفاد ۽ قومي ترجيحون ڪنهن به صورت ۾ قربان نه ڪندو. انهيءَ ڪري دنيا ۾ ’سهڪار‘ (Accommodation) واري عنصر جو پوريءَ طرح لاڳو ٿيڻ، تمام گهڻو مشڪل آهي. تڏهن به عالمي امن جي لاءِ هيءَ هڪ مثبت ڪوشش/ عمل ضرور آهي


سهڪار سان لاڳاپيل لفظ


.


سهڪار بابت وڌيڪ اصطلاح

  • امداد باهمي- تعاون- سهڪار
  • ايشيا پئسفڪ اقتصادي سهڪار
  • باهمي مدار- گڏيل سهڪار
  • جبري سهڪار
  • جماعتي سهڪار
  • دشمنيءَ وارو سهڪار
  • عدم سهڪار
  • مُختلف ڌُرين جو سهڪار
  • نازڪ سهڪار
  • ٻطرفو سهڪار- گڏيل سهڪار
  • ڊينمارڪ جو بين الاقوامي ترقياتي سهڪار
  • ڊگهي مدت وارو سهڪار
  • ڪئريبئن علائقائي سهڪار

  • .


    سهڪار لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    ديڳ چاڙهڻ

    عام جام ڪَري ڇَڏَڻُ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal