SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سنسڪرت


:جامع سنڌي لغات ۾

سنسڪرت

سَنسِڪِرت

ث. صفت. [سن. سَم = چڱو + ڪرت = ڪيل سَمڪِرت < سَنسِڪرت] خبرداريءَ سان برابر ٺاهيل ، هٿراڌو ، برابر ، پُوري ، بهترين ، عُمدي. سينگاريل. اسم خاص. هندستان جي هڪ قديم ٻوليءَ جو نالو جا گرامر جي اصولن تي پوريءَ طرح سان ٺهيل آهي.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

سنسڪرت

(Sanskrit)

سنسڪرت ننڍي جي قديم ۽ ڌرمي ٻولي آهي. سنسڪرت جي لفظي معنيٰ آهي سڌاريل، سنواريل سڀ کان آڳاٽا ڪتاب ويد جنهن ٻوليءَ ۾ لکيا ويا ان کي ويدڪ يا ڪلاسيڪي سنسڪرت چيو وڃي ٿو. اها سنڌو جي ڪناري تي ڳالهائيجندڙ ٻولين مان هڪ قديم پراڪرت جو سڌاريل روپ هئي، جنهن جو گرامر پاڻنيءَ لکيو، جيڪو سنڌو علائقي جو رهندڙ هو. هن ٻوليءَ جو ادب انتهائي قديم ۽ شاهڪار آهي. هيءَ ٻولي هندو تهذيب جي اوج واري زماني ۾ ماڻهن جي اظهار جو ذريعو هئي. سنسڪرت گهڻو ڪري برهمي رسم الخط ۾ لکي ويندي هئي. ڪيترائي قديم ڪتاب هن ٻولي ۾ تحرير ڪيل آهن. سنسڪرت، ننڍي کنڊ جي ڪيترن ٻولين جي ماءُ يا ڀيڻ تصور ڪئي وڃي ٿي. سنڌي زبان جي بڻ بنياد لاءِ هڪ نظريو اهو به آهي ته سنڌي سنسڪرت جي ڄائي آهي. ٻيو نظريو ان کي سنڌيءَ جي ڄائي قرار ڏئي ٿو. بهرحال هيءَ ٻولي هن خطي جي اهم ٻولي رهي آهي.


سنسڪرت سان لاڳاپيل لفظ


Remember Me Also:

خواندگي

ٺ. [ف]. پڙهائي ، پڙهڻ جو ڪم.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal