SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سسئي


:جامع سنڌي لغات ۾

سسئي

سَسُئِي

ث. اسم خاص. [س. چڱي ، سُئي ، سُٻل ، ٻڌل = نيڪ نام ، سهڻي] هڪ عورت جو نالو جا پُنهونءَ جي معشوقه هئي. ’سسئي پنهون‘ تعلقي ٽنڊه باگي ۾ هڪ ديهه جو نالو.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

سسئي

(Sassui)

شاهه لطيف جي سورمي، سسئي پنهون قصي جي مرڪزي ڪردار، جنهن کي شاهه لطيف تڪليفن ۾ جدوجهد جي تمثيلي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي. سسيءَ جو اصل شهر ڀنڀور هو. پنهون جي تلاش ۾ ڪيچ مڪران جو رخ ڪيو ۽ رستي ۾ دم ڏنائين. شاهه سائين سسئيءَ تي سڄا سارا پنج سر چيا آهن: ”سسئي آبري“، ”معذوري“، ”ديسي“، ”ڪوهياري“ ۽ ”حسيني“. سڀني سرن ۾ سسئيءَ جي ڏاکڙن ۽ ولايت جو احوال آهي. سر سسئي لاءِ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي لکيو آهي ته ”شاهه صاحب هن سر ۾ سچي سڪ جو وستار ڪيو آهي. نينهن جي تک، مهراڻ جي تک کان وڌيڪ جبري آهي. سچو طالب هميشه عشق جي عميق ۾ ٻڏل آهي. انهيءَ ڪري هن لاءِ ظاهري مهراڻ سڪي پٽي ٿيو پوي.“


سسئي سان لاڳاپيل لفظ


Remember Me Also:

سينيچر

ذ. [سن. شنيئت = ست + چڙهڻ] هڪ نهايت سست رفتار سياري جو نالو ، ستون گِرَهُ ، سَتُون سيارو ، زحل. ڇنڇر ، نڀاڳُ ، چنڊائي ، بدنصيبي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal