SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ديوان


سنڌي (ديوناگري) کان انگريزي ڊڪشنريءَ مان:


ديوان

P दीवानु s. m.

The head of an office, one who superintends the carrying on public business.


Abbreviations

Abbreviations con = Conjunction, int = Intrjection, plu = Plural, pre = Preposition, adj = Adjective, s = Singular, m = Masculine, f = feminine, v = verb, adv = adverb, imp = imperative, v.a = verb active, v.n = verb neuter.


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ديوان

(Deewan)

”ديوان“ فارسي لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي، ”ماڻهو جي گڏ ٿيڻ جي جاءِ.“ مجازا ’ڪچهري‘. اصطلاحي معنيٰ موجب، ڪنهن شاعر جي الف- ب واري قافيي تي جوڙيل غزل جي مجموعي کي ”ديوان“ چئبو آهي. هن جي ڪن غزلن ۾، قافيي جي پٺيان ’رديف‘ به استعمال ڪيو ويندو آهي، پر اهو ضروري نه آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ الف-ب جي 52 (ٻاونجاهه) اکرن جي قافيي تي، پهريون مڪمل ديوان، آخوند گل محمد هالائيءَ جوڙي تيار ڪيو، جو ”ديوان گل“ جي نالي سان سنه 1272هجريءَ ۾ پهريون دفعو بمبئيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن کان پوءِ ٻين سنڌي شاعرن به ديوان لکڻ شروع ڪيا. هن وقت سنڌي زبان ۾ اهڙا ڪيترائي ديوان ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن. ”ديوان گل“ کان پوءِ جيڪي ديوان هن وقت تائين سنڌيءَ ۾ ڇپجي چڪا آهن تن مان ڪن جا نالا هت پيش ڪجن ٿا: ”ديوان قاسم“، ”ديوان بلبل“، ”ديوان قليچ“، ”ديوان بيڪس“، ”ديوان نجفي“، ”ديوان حافظ“، ”ديوان صوفي“، ”ديوان احسن“، ”ديوان عطا“، ”ديوان اسير“، ”ديوان فاضل“، ”ديوان حامد“، ”ديوان فدا“، ”ديوان بيوس“، ”ديوان خاڪي“، ”ديوان قادري“، ”ديوان ڪوجهي“، ”ديوان غلام اڪبر“، ”ديوان انجم“، ”ديوان سانگي“، ”ديوان بيدل“، ”ديوان مجروح“، ”ديوان مسڪين“، ”ديوان واصف“، ”ديوان حفيظ“، ”ديوان مفتون“، ”ديوان سام“، ”ديوان طالب الموليٰ“.


(Deewan)

ڪلهوڙن، ٽالپرن ۽ اوائلي انگريزن جي دؤرن ۾ سرڪاري ملازم جيڪي عامل جي عهدي تي فائز هوندا هئا، انهن کي جڏهن ترقي ملندي هئي تڏهن انهن کي ديوان جي عهدي تي فائز ڪيو ويندو هو. جڏھن انگريزن ملڪ جو نظام سنڀاليو تڏھن لکت پڙھت فارسيءَ ۾ ھلندڙ هئي سرڪاري دفترن آڏو ويٺل عامل ان کي فارسيءَ ۾ لکندا ھئا ۽ انگريز آفيسرن کي وري انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏنا ويندا ھئا. مطلب ته ديوان پنهنجي دؤر جا ڪامورا هوندا هئا. مثال طور ديوان ننديرام، ديوان اڌارام.


ديوان سان لاڳاپيل لفظ


.


ديوان بابت وڌيڪ اصطلاح

  • ارباب ديوان
  • ديوان ديوان
  • پادري، وزير، مدد ٿيڻ، ديوان

  • .


    ديوان لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    اڪي ٻڌي

    ث. ٻاراڻيءَ راند جو هڪ قِسم.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal