SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


جهولڻو


:جامع سنڌي لغات ۾

جهولڻو

جهُولڻو جمع جهُولِڻا

ذ. جهَلِي ڇَت ۾ ٻڌل، پکو. هندورو. وِڃڻو. پِينگهو. ننڍڙي خُرزِينَ جنهن تي حُقو وغيره رکجي ٿ. لوڪ گيت جو هڪ قِسم.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

جهولڻو

(Jhoolnoo)

حضرت سچل سرمست (1739-1829ع) جي رسالي ۾ هڪ انوکي صنف ”جهولڻو“ ملي ٿي، جيڪا اڳ ۾ ڪنهن به سنڌي شاعر وٽ نظر نه ٿي اچي. البته روحل فقير جي هندي ڪلام ۾ ”جهولڻو“ ملي ٿو، پر فني سٽاءَ جي لحاظ کان روحل فقير (1734-1804ع) جي هندي جهولڻي ۽ سچل سرمست جي جهولڻي ۾ فرق آهي. روحل فقير جي هندي جهولڻي ۾ اڪثر چار سٽون ٿين ٿيون، ۽ هر سٽ جو وزن عام بيت جي وزن کان وڏو ۽ اينگهه وارو ٿئي ٿو. سچل سرمست جي جهولڻي جو هر بند گهڻو ڪري اَٺن سٽن جو ٿئي ٿو، ۽ نائين سٽ وراڻيءَ جي اچي ٿي. سچل سرمست جي رسالي ۾”سسئي پنهون“ بابت جهولڻو ملي ٿو، جنهن ۾ اهڙا پنجاهه بند آهن. هر بند يا بيت کان پوءِ جيڪي وراڻيون اچن ٿيون، اهي پاڻ ۾ هم قافيه آهن. هر بند جي سٽ جو وزن ننڍو ۽ گهڻو ڪري هندي جهولڻي جي سٽ جي اڌ جيترو آهي. ڄڻ چئن سٽن کي اَٺ سٽون ڪري رکيو ويو آهي. قافيو بند جي سمورين سٽن جي آخر ۾ اچي ٿو، ۽ هر بند يا بيت جو جدا جدا قافيو آهي. حضرت سچل سرمست جي ”سسئي ۽ پنهون“ جي جهولڻي مان هڪ بند هيٺ ڏجي ٿو: سرتيون سڀ ٿيس صلاحي، هو تان راهه وٺي پيا راهي، ڇوٿينءَ ڪڍ تنين جي ڪاهي، ڏونگر ڪيم ڏسائج ڏاهي، حـَـبَ ۾ ڪونه ڪندءِ همراهي، هت ٿو سنگ منجهائي ساهي تڏهن ڇپ ڪرڻ تو ڇاهي، پر هو اهڙو امر الاهي: ٻيا سڀ ويهه تون وهم وساري


جهولڻو سان لاڳاپيل لفظ


Remember Me Also:

فاضلاڻي

اسم خاص. هڪ قبيلي جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal