SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


تشبيب


:جامع سنڌي لغات ۾

تشبيب

تَشبِيبَ

ث. [ع. شَبّ = جوان ٿيڻ < شبَبَ، تَشبِيب] ’قصيدي‘ ۾ ممدوح جي مدح کان اڳ عاشقانه مضمون بابت شعر چوڻ. قصيدي جي شاعرانه تمهيد.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

تشبيب

(Tashbeeb)

تشبيب بنيادي طور قصيدي جو پهريون حصو آهي. تشبيب عربي لفظ ”شب“ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’جوان ٿيڻ‘. اصطلاحي معنيٰ موجب ڪنهن جي جوڀن جو تذڪرو ڪرڻ يا ڪنهن جي حسن ۽ انگن جي تعريف ڪرڻ. شاعراڻي اصطلاحي معنيٰ موجب مدحيه قصيدي ۾ممدوح جي مدح کان اڳ عشقيه ، بهار جي موسم، حسن ۽ جوڀن جهڙن مضمونن بابت شعرن کي يا قصيدي جي شاعرانه تمهيد کي تشبيب چيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته عربي قصيدن ۾ سونهن سوڀيا ، جوڀن ۽ پيار ۽ محبت جو ذڪر عام هوندو هو.


Remember Me Also:

لم ٺپ ڪرڻ

لَمَ ٺَپَ ڪرڻ

آڌُورو ڪم ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal