SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ترائيل


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ترائيل

(Triolet)

”ترائيل“ فرانس جو هڪ مقبول نغمو آهي. جنهن جي معنيٰ آهي: (ٽريئو-Trio = ٽه ياري يا ٽه سُرو راڳ+ ليٽ- =Let (بندش). اُهو نظم يا شعر، جنهن ۾ ساڳئي سُر واريون ٽي سٽون پوري بندش سان سرجيون وڃن. مطلب ته ’ترائيل‘ اُهو شعر آهي، جنهن ۾ ساڳي سٽ ٽي ڀيرا اچي، پوري مضمون کي هڪ هنڌ بند ڪري ٿي. هيءَ صنف گذريل ٿوري عرصي کان سنڌي شاعريءَ ۾ به رواج ۾ آئي آهي. ”ترائيل“ جي سڄي نظم ۾ ڪل اٺ سٽون ٿينديون آهن، جيڪي ٻن بندن ۾ ورهايل هونديون آهن، يعني هر هڪ بند ۾ چار سٽون ٿين ٿيون. اصل ۾ هر هڪ بند ٽن سٽن تي مدار رکي ٿو، جن جي سٽاءَ هن ريت آهي. پهرئين بند جي پهرين ۽ ٽين سٽ هڪ ٻئي سان هم قافيه ۽ ساڳئي رديف ۾ هونديون آهن، باقي ٻي (وچ واري سٽ انهن ٻنهي سٽن کان قافيي ۾ مختلف ۽ آزاد هوندي آهي. انهيءَ بند جي آخر ۾ وري پهرين سٽ هوبهو ساڳي موٽي ايندي آهي، جيڪا چوٿين سٽ هوندي آهي. ٻئي بند جي پهرين سٽ وري پهرئين بند جي پهرين ۽ ٽين سٽ سان هم قافيه ۽ ساڳئي رديف سان ايندي آهي؛ باقي ٻي سٽ پهرئين بند جي ٻيو نمبر سٽ سان هم قافيه ۽ ساڳئي رديف ۾ هوندي آهي ۽ ٽين سٽ، پهرئين بند جي بلڪ ساڳي پهرين سٽ هوندي آهي. هن بند ۾ چئن سٽن جو وزن پورو رکڻ لاءِ، پهرين بند جي ٻي سٽ پڇاڙيءَ ۾ هوبهو ساڳي موٽي ايندي آهي. اهڙيءَ طرح ڏسبو ته سڄي نظم ۾ پهرين سٽ ٽي ڀيرا اچي ٿي؛ يعني پهرين، ٽين ۽ ستين سٽ ٽئي هوبهو ساڳيون ٿين ٿيون ۽ شعر جي ٻي سٽ موٽي اٺين سٽ ٿئي ٿي ۽ ڇهين سٽ انهن ٻنهي (ٻي ۽ اٺين) سٽن سان هم قافيه ۽ ساڳئي رديف ۾ اچي ٿي. اهوئي سبب آهي جو هن شعر کي ٽه سُرو راڳ يعني ”ترائيل“ (Triolet) نالو ڏنو ويو آهي.


Remember Me Also:

سونتڙڻ

مصدر. سولو ٿيڻ ، سهنجو ٿيڻ ، آسان ٿيڻ ، سوکو ٿيڻ. سڌرڻ ، ڏاهو ٿيڻ ، سياڻو ٿيڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal