SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


بالادستي


:جامع سنڌي لغات ۾

بالادستي

بالادَستِي

ث. زوراوري. رشوت.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


بالادستي

Hegemony

هيجيمني

مُلڪي قيادت ۽ اقتدارتي قبِضي لاءِ هڪ سياسي گروهه طرفان، سياسي، اقتصادي، نظرياتي يا ثقافتي طاقت جو استعمال ڪندي، هڪ هٽي قائم ڪرڻ ۽ ان جي بنياد تي ٻين گروهن مٿان سندن ظاهري رضامنديءَ کانسواءِ پنهنجي مرضي مڙهڻ واري صورتحال کي هن اصطلاح ذريعي واضح ڪيو ويندو آهي. اوائلي دور ۾ هي طريقو هڪ ”سياسي اثر“ جي صورت ۾ ڪجهه يوناني شهري رياستن طرفان، پاڙيسري رياستن مٿان استعمال ٿيندو هئو، پر هاڻي هي رويو هڪ اصطلاح طور سياسي اثرن کان سواءِ معاشي، ثقافتي ۽ ٻين مختلف حوالن ۽ رُخن ۾ پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو. خاص طور تي ان جو چٽو مثال اطالوي مارڪسي دانشور انتونيوگرامچيءَ جو ”ثقافتي بالادستي“ وارو تصور آهي. بهرحال عام طور تي هي اصطلاح هڪ بي رحم ظالم ڌُر طرفان سياسي نظام تي قبضي يا اقتدار لاءِ حوالي طور سمجهيو ويندو آهي. اڻويهين صديءَ کان، (خاص طور تي تاريخي لکڻين ذريعي)، سياسي ماهرن طرفان مسلسل بيان ڪيو ويو آهي، ته ”بالادستيءَ“ مان مراد، هڪ رياست ٻين رياستن تي طبعي، نفسياتي يا نظرياتي طور قابض هُجڻ آهي. (مثال طور: نئپولين واري فرانس جي، سڄي يورپ مٿان بالادستي يا يونائٽيڊ اسٽيٽس جي سرد جنگ دوران يورپ مٿان بالادستي)


Suzerainty

سوزرئنٽي

هن نظريي مطابق هڪ ملڪ ٻئي جي مٿان سياسي بالادستي حاصل ڪندو آهي. بالادست مُلڪ زيردست ملڪ جي حاڪميت واري حق ۽ ٻين ملڪن سان لاڳاپن کي پنهنجي قبضي ۾ رکندو آهي ۽ سندس هر قسم جو استحصال ڪندو رهندو آهي. البت محدود پئماني تي ان ملڪ کي گهرو معاملا هلائڻ جي اجازت هوندي آهي. برطانيا جي هندوستان مٿان 1947ع تائين بالادستي قائم رهڻ هن تصور جي مثال طور ڏنو ويندو آهي


.


بالادستي بابت وڌيڪ اصطلاح

  • سرسي- برتري- فوقيت- بالادستي
  • غلبو- فوقيت- بالادستي
  • فضيلت، بزرگي، برتري، فوقيت، سبقت، بالادستي
  • فوقيت-برتري- وڏائي- بالادستي
  • قانون جي بالادستي
  • واپار ۾ بالادستي
  • پارليماني بالادستي

  • Remember Me Also:

    جٽ هجڻ

    جوڙيوال هجڻ ، رفيق هجڻ ، شامل هجڻ ، ساٿي هجڻ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal