SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اقليتون


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


اقليتون

Minorities

مئنارٽيز

اصطلاحي لحاظ کان انساني آبادين جو اهو گروهه، جيڪو اڪثريت ۾ نه هجڻ ڪري سياسي طرح فيصلائتي حيثيت نه رکندو هُجي ۽ سماجي رتبي، تعليم، روزگار، ملڪيت ۽ سياسي سگهه ۾ ڪنهن به اڪثريتي ڌُر سان بَرُميچي نه سگهي. سياسي لحاظ کان ٿورائيءَ تي ٻڌل اقليت هڪ اهڙو نسلي گروهه هوندو آهي، جنهن جي ڪنهن خاص مسئلي، گڏيل مفاد، نظريي يا خيال تي پنهنجي برادريءَ جي ٻين ميمبرن سان اتحاد هُجي ٿيو. اقليتون ٿورائيءَ ۾ هُجڻ ڪري پنهنجي پسند موجب زندگي گُذاري نه سگهنديون آهن،چاڪاڻ جو سياسي طور سگهاريون هئڻ ڪري اڪثريتون پنهنجي پسند مٿن مڙهينديون آهن. انهيءَ ڪري غير محفوظ هُئڻ سبب اقليتون خاص توجهه، بُنيادي سلامتي ۽ آزاد فيصلو ڪرڻ جو حق طلبينديون آهن. اقليتون پنهنجن اجتماعي مُفادن جي تحفظ لاءِ اڪثريت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ منظم ۽ يڪ راءِ هونديون آهن ۽ منجهن وڌيڪ رابطو رهندو آهي. عام طور اقليتن جا جنسي، مذهبي، علائقائي، نسلي ۽ لساني مفاد ٿين ٿا


.


اقليتون بابت وڌيڪ اصطلاح

  • اقليت ج اقليتون
  • گهڻا ۽ ٿورا- اڪثريتون ۽ اقليتون

  • Remember Me Also:

    مرڻي ڏيڻ

    مَرِڻِي ڏِيَڻُ (ت)

    سيکت ڏيڻ، سزا ڏيڻ، جُٺ ڪرڻ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal