SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اصطلاح


:جامع سنڌي لغات ۾

اصطلاح

اِصطِلاحُ جمع اِصطلاحَ

ذ. [ع] ڪنهن ڌنڌي يا فن جو لفظ ، ورجيس. ٻوليءَ جي محاوري وارو لفظ. لفظن جو جوڙ.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

اصطلاح

(Term)

اصطلاح مان مراد آهي، اهو لفظ، جيڪو پنهنجي اصل معنيٰ بجاءِ ڪنهن خاص علم يا فن جي دائري ۾ مخصوص معنيٰ لاءِ استعمال ٿيندو هجي. مثال طور هڪڙا ادبي اصطلاح ٿيندا آهن، ٻيا خاص علمن جهڙوڪ: فزڪس، ڪيمسٽري، رياضي وغيره جا اصطلاح، جدا جدا معنائن سان استعمال ٿيندا آهن.


(Idiom)

اصطلاح جي معنيٰ ڪنهن لفظ جي ٻي معنيٰ آهي، ورجيس، (ڀيٽا) موافقت يا موزونيت. انهن جي ظاهري معنيٰ هڪڙي هوندي آهي، پر ان تي سوچ ويچار ڪرڻ کان پوءِ سندس مفهوم يعني معنيٰ ٻي هوندي آهي. ڪي اصطلاح، پهاڪن وانگر پسمنظر به رکندا آهن. سنڌي ۾ اصطلاح ۾ مصدر (”ڻ“ اکر) لازمي هوندو آهي. مثال طور: هٿ پير هڻڻ = ڪوشش ڪرڻ، جاکوڙڻ آڌر ڀاءُ ڪرڻ = عزت ڏيڻ ٻانهن ٻيلي ٿيڻ = مددگار ٿيڻ ٺڪر ڀڄڻ = ڪوڙا الزام لڳائڻ خطا کائڻ = نقصان سهڻ


پرنٽ ٽيڪنالاجيءَ جي ڊڪشنريءَ مان:


اصطلاح

Terminology


اصطلاح سان لاڳاپيل لفظ


.


اصطلاح بابت وڌيڪ اصطلاح

  • اصطلاح ج اصطلاح
  • اعليٰ رقم- اعليٰ اصطلاح
  • بورجوا- خوشحال ماڻهو روسي اصطلاح
  • جنس، اسم، نالا رکڻ جو اصول ۽ علمي اصطلاح
  • حد، مدت، عرصو، مدو، نالو، اصطلاح
  • دلالي- بدلو اسٽاڪ ايڪسچينج جو اصطلاح
  • روايتي اصطلاح
  • سائنسي اصطلاح
  • شرط- معاهدو- مدو- اصطلاح
  • فني اصطلاح
  • محاورو، اصطلاح
  • مخصوص اصطلاح
  • مستند اصطلاح- معياري اصطلاح
  • مغربي اصطلاح
  • هاءِ فريڪوئنسي اليڪٽرانڪ ميڊيا جو اصطلاح
  • وياڪرڻيءَ جا اصطلاح
  • چوڪور ڪاغذ جو اصطلاح
  • گتي وارو ڪاغذ ڇپائيءَ جو اصطلاح
  • گڏ ٿيل ڦانڊڻي- جمع ٿيل ورڇڻ جوڳو حصو اسٽاڪ مارڪيٽ جو اصطلاح

  • .


    اصطلاح لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    ادعيه

    ث. [ع. دُعاء جمع اَدعِيَه] دعائون ، آسيسون.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal