SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اسپوتنڪ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


اسپوتنڪ

Sputnik

اسپوتنڪ

روسي ٻوليءَ جو لفظ، جنهن جو لُغوي مطلب آهي ”همسفر“. هي نالو سوويت يونين پنهنجي خلائي رٿا جي ٽن مصنوعي سيارن کي ڏنو ، جيڪي وقفن سان خلا ۾ ڇڏيا ويا. ’اسپوتنڪ‘ جو بنيادي مقصد خلا جي جاچ پڙتال لهڻ ۽ اتي رهندڙ جاندارن جي باري ۾ تحقيق ڪرڻ هيو. اسپوتنڪ جي خلا ۾ وڃڻ کان پوءِ آمريڪا ۽ سوويت يونين وچ ۾ خلائي ڊوڙ شروع ٿي وئي. هن نالي سان دُنيا جو پهريون هٿرداو اپگرهه/ سيارو آڪٽوبر 1957ع ۾ سوويت يونين مان پولار ۾ موڪليو ويو. 180 پائونڊ جي وزن وارا - اوتا (سگنل) دراصل پولار ۾ سوويت ٽئڪنالاجيءَ جي برتريءَ جو اُهڃاڻ هُئا. ان کان 6 هفتا پوءِ جڏهن ”اسپوتنڪ-2“ خلا ۾ هڪ ڪُتو ۽ اڌ ٽن جو وزن کڻي روانو ٿيو، ته دنيا محسوس ڪيو ته ڄڻ ’آمريڪي سگهه‘ جي زوال جي ابتدا ٿي چڪي هُجي. ان اڳڀرائيءَ جي جواب ۾ 1958ع ۾ Explorer جي نالي سان آمريڪا طرفان گهٽ وزن وارو اپگرهه پولار ۾ موڪليو ويو، جيڪو ”اسپوتنڪ“ کان وڌيڪ ڪارگر ۽ معلومات فراهم ڪندڙ ثابت ٿيو. پر جيڪا تاريخي حيثيت ”اسپوتنڪ“ کي ملي سا آمريڪا جي سياري Explore کي نه ملي سگهي. سوويت يونين جي هن اڳڀرائيءَ آمريڪا جي ماهرن ۽ حڪومتي اهلڪارن کي پريشان ڪري ڇڏيو ۽ مٿانئن تاثر قائم ڪيو ته آمريڪي ميزائلن (ICBMs) Intercontinental Ballastic Missilesجي برتري ختم ٿي چُڪي آهي. عام راءِ به اهو تاثر ورتو ته سوويت يونين غيرروايتي لڙائيءَ ۾ آمريڪا کان اڳ ڪڍي چُڪو آهي


Remember Me Also:

نلام

نِلامُ جمع نِلامَ

ذ . عام وڪرو، نيلام، ليلام.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal