SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اجتماعيت


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

اجتماعيت

(Collectivism)

اشتراڪيت جي اصول مطابق زمين، سرمائي، دولت ۽ پيداوار جي ٻين ذريعن کي قومي ملڪيت بنائڻ جو نظريو. هي ملڪيت جو نظريو، رياستي، صوبائي يا بلدياتي سطح تي ٿي سگهي ٿو. هن اصطلاح کي پهريون ڀيرو روسي انقلابي يونين استعمال ڪيو. 1880ع ۾ هادري (فرانس) جي مقام تي هڪ ڪانگريسي اجتماع جو پروگرام رکيو ويو ۽ مطالبو ڪيو ويو ته پيدائشِ، دولت جي سموري پيداوار ۽ وسيلن کي رياست جي ملڪيت قرار ڏنو وڃي ته جيئن ماڻهن کي پنهنجي اجتماعي محنت جو ڦل ملي. ’اجتماعيت‘ کي ’اشتراڪيت‘ جي هم معنى به سمجهيو ويو آهي. هارين جو هڪ ٽولو ملي پنهجي زمين ۾ گڏيل طور ڪاشتڪاري ڪندو آهي، زراعت جا اوزار ۽ مال متاع به گڏيل هوندو آهي. رڳو رهڻ لاءِ جڳهه۽ پالتو جانور سندن ذاتي ملڪيت هوندا آهن. زراعت جي منافعي ۾ سندن ڪمن ، محنت جي نوعيت ۽ تناسب کي مد نظر رکي هر ڪنهن کي حصو ڏنو ويندوآهي.1929ع ۾ اسٽالن هن نظام کي روس ۾ رائج ڪيو ۽ 1955ع کان ان کي اجتماعي زراعت جو رواج ڏنو ويو.


سياسي اصطلاحن جي لغت مان:

اجتماعيت

Collectivism

هي اصطلاح سياسي ۽ اقتصادي حوالي سان استعمال ٿئي ٿو. پيداوار جي ذريعن يا خدمتن ۽ سامان جي ورهاست تي ڪجهه ماڻهو، هڪ گروهه جي حيثيت ۾ ضابطو رکي ته ان کي اجتماعيت سڏجي ٿو.


Collectivization

اڳوڻي سوويت يونين ۽ ٻين اشتراڪي ملڪن ۾ اقتصادي ۽ سماجي تبديلي جي راهه ۾ پيل زرعي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ اختيار ڪيل نيتي کي اجتماعيت سڏجي ٿو.


>

جاگرافيءَ جي ڊڪشنريءَ مان:


اجتماعيت

Collectivism


اجتماعيت سان لاڳاپيل لفظ


.


اجتماعيت لفظ جو عام استعمال


Remember Me Also:

ڪيميائي وزن

دواسازي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal