SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


آرسڻ


:جامع سنڌي لغات ۾

آرسڻ

آرسَڻُ

مصدر. [س. ١. آسرَوَ = اُڀامندڙ چانورن مٿان لئي؛ ٢.آرسَا = وارن، تَندُن يا ٻين اهڙين شين جي آراستگي] تيل۽ پيڄي ملائي تاڃيءَ جي تندن کي سونهاري سان سنوارڻ ، آرکڻ. تاڃيءَ کي تيل پيڻ ڏيڻ. تاڃيءَ کي ڪلف هڻڻ. پيڻ ۾ پُسايل تاڃيءَ کي سُڪائي لسو ڪرڻ. ڦڻيءَ وٽ ڇڄي

آرِسَڻُ جمع آرِسَڻَ

ذ. [سن. آسرَو = اُڀامندڙ چانورن مٿان لئي] ڪورين جي اصطلاح ۾ سوُنهارو يا ٿنڀڻ جنهن سان اَڏن تي پٿريل، پيڻ ۾ پُسايل تاڃيءَ کي سنواري سڪائين. ڪلف ، پيڻ ، پيڄي ،آهَر.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


مفصل سنڌي لغت مان؛

آرسڻ

اعرابن سان:آرسَڻُ

]مص – فعل متعدي[تيل ۽ پيڄي ملائي تاڃيءَ جي تندن کي سونهاري سان سنوارڻ، آرکڻ، تاڃيءَ کي تيل پِيَڻ ڏيڻ، تاڃيءَ کي ڪَلفُ هڻڻ، پيڻ ۾ پـُسايل تاڃيءَ کي سُڪائي لسو ڪرڻ.

* ڦڻيءَ وٽ ڇڄي پيل تند کي ڳنڍڻ.

* ]١. آسرو = اڀامندڙ چانورن مٿان پيڄي؛ ٢.آرسا = وارن، تندن يا ٻين اهڙين شين جي آراستگي[

*تيل ڦليل ڪرڻ، هار سينگار ڪرڻ.

* ]مص[ آرسڻ

* ]امر[آرس

* ]مضارع[ آرسيان (ج) آرسيون، آرسِين (ج) آرسيو، آرسَي (ج) آرسينِ.

* ]زمان حال ٺاهڻ لاءِ معاون فعل ’ٿو‘ ۽ ’پيو‘ جا مذڪر، مونث جمع جا صيغا ڳنڍبا آهن [

* ]حال[ آرسي ٿو (ج) آرسينِ ٿا

* ]حال مث[ آرسي ٿي (ج) آرسينِ ٿيون

* ]ماضي[ آرسيو (ج) آرسيا

* ]ماضي مث[ آرسي (ج) آرسيون

* ]مستقبل[ آرسيندو (ج) آرسيندا

* ]مستقبل مث[ آرسيندي (ج) آرسينديون

* ]اسم مفعول[ آرسيل ُ

مخففن جي سمجھاڻي

اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)


آرسڻ سان لاڳاپيل لفظ


.


آرسڻ بابت وڌيڪ اصطلاح

  • آرسڻ ج آرسڻ

  • Remember Me Also:

    عشق ۾ گهاري پوڻ

    محنت ۾ رنڊڪ پوڻ ، پيار ۾ اٽڪ پوڻ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal