SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


آبڻ


:جامع سنڌي لغات ۾

آبڻ

آبَڻُ

مصدر [ف. آب = پاڻي + ڻُ = مصدر جي نشاني] آبُ ڏيڻ ، پاڻي ڏيڻ ، آلو ڪرڻ ،ڀِڄائڻ ، پُسائڻ ”اُڀي کي آبِيندي، لڌائون سنڌڙيءَ سار“ سچل. ڌوٻين جي اصطلاح ۾ ڪپڙن کي استري ڏيڻ يا کوڙ ڪرڻ مهل پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻڻ يا وات سان پاڻيءَ جو ڦوهارو هڻڻ. موچين جي اصطلاح ۾ چم

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


مفصل سنڌي لغت مان؛

آبڻ

اعرابن سان:آبَڻُ

]مص – فعل متعدي[ نَم ڪرڻ، تر ڪرڻ، آبُ ڏيڻ، پاڻي ڏيڻ، آلو ڪرڻ، ڀِڄائڻ، پُسائڻ.

’ اُُڀي کي آبِيندي، لڌائون سنڌڙيءَ سار‘ (سچل/سارنگ).

*ڪپڙَن کي استري ڪرڻ مهل پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻڻ، وات سان پاڻيءَ جو ڦوهارو ڪرڻ، چمڙي کي نرم ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻڻ.

* ]ف: آب = پاڻي [

* ]مص[ آبَڻ ُ

* ]امر[آبِ

* ]مضارع[ آبيان (ج) آبيون، آبِين (ج)آبيو،آبَي (ج) آبينِ.

* ]زمان حال ٺاهڻ لاءِ معاون فعل ’ٿو‘ ۽ ’پيو‘ جا مذڪر، مونث جمع جا صيغا ڳنڍبا آهن [

* ]حال[ آبي ٿو (ج) آبين ٿا

* ]حال مث[ آبي ٿي (ج) آبين ٿيون

* ]ماضي[ آبيو (ج) آبيا

* ]ماضي مث[ آبي (ج) آبيون

* ]مستقبل[ آبيندو (ج) آبيندا

* ]مستقبل مث[ آبيندي (ج) آبينديون

* ]اسم مفعول[ آبيلُ

مخففن جي سمجھاڻي

اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)


Remember Me Also:

وڻو

وَڻو جمع وَڻا

ذ . دوا طور ڪم ايندڙ هڪ قسم جو ٻج. جبلن ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ وڻ جو قسم (جنهن جو ميوو ڪاري رنگ جو مٽر جيڏو ٿئي، گهڻو ڪري ڀُڳڙن سان گڏي کائجي ٿو).

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal