
ڌڪو، صدمو، ٽڪر، ضرب
صدمو- جهٽڪو- ڏک
دڪو
دڪُو (دڌڪو)
گرامر noun
- اسم
صَدمو
Shock
شاڪ
صدمون، سڄي جسم ۾ رت جي وھڪري ۾ خطرناڪ گهٽتائي جنھن جو ڪارڻ شديد ضرب يا بيماريءَ جي حالت ۾ پيدا ٿي سگهي ٿي. ھت، شاڪ مان مراد فزيالاجيڪل شاڪ جي آھي جيڪو ذھني پريشانيءَ کان مختلف ٿئي ٿو ۽ ڪنھن ڀيانڪ تجربي کانپوءِ پيدا ٿي سگهي ٿو. ڪيترين حالتن ۾ بلڊپريشر جو گهٽجي وڃڻ شاڪ پيدا ڪرڻ جو مکيو ڪارڻ ۽ ان جي مکيو نشانين مان ھڪ ٿئي ٿي. شاڪ ھر ان صورتحال ۾ پيدا ٿي سگهي ٿو جنھن ۾ رت جو مقدار گهٽجي وڃي ٿو، رت نليون غيرمعمولي طور تي موڪريون ٿي وڃن ٿيون، دل جو ڪم ڪمزور ٿي وڃي ٿو، رت جي وھڪري ۾ روڪ پيدا ٿئي ٿي يا مجموعي طور تي مٿيون ڳالهيون پيدا ٿي پون ٿيون. شاڪ پيدا ٿيڻ جا ڪارڻ رت وھڻ (bleeding) يا سڙي پوڻ (burns)، مسلسل رھندڙ الٽي يا دست (diarrhoea)، مايوڪارڊيئل انفارڪشن (myocardial infarction)، پلمونري ايمبولزم (pulmonary embolism)، پيريٽونائيٽس (peritonitis) ۽ ڪن قسمن جو زھرجڻ (poisoning) ٿئي ٿو. شاڪ جي تڪليفن ۾ شامل ٿين ٿيون تڪڙا، تراکڙا ساه کڻڻ، ڪولڊ (cold)، گهميل چمڙي، تيز، ھيڻي نبض، غشي، ڪمزوري ۽ بيھوشي. شاڪ جو علاج نه ڪجي ته متاثر فرد ڍيري ٿي سگهي ٿو، سڪتي ۾ وڃي سگهي ٿو ۽ مري به سگهي ٿو. شاڪ جي صورت ۾ ھنگامي علاج ڏيڻو پوي ٿو جنھن لاءِ پاڻيٺي ڊرپ (intravenous infusion) ھڻڻي پوي ٿي، رت لڳائڻي پوي ٿي، آڪسيجن رستي علاج (oxygen therapy) ڪرڻو پوي ٿو ۽ جيڪڏھن ضروري ٿئي ٿو ته مارفين (morphine) يا ساڳي قسم جي ڪا طاقتور انلجيسِڪ ڏيڻي پوي ٿي. وڌيڪ علاج جو مدار اصلي ڪارڻ آھر ڪجي ٿو (وڌيڪ ڏسو، anaphylactic shock; septic shock; shock, electric; toxic shock syndrome)
Related words with: shock
ورون ڪرڻ
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal