SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


pneumonia

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • njuːmouniə

From the English to Sindhi Dictionary:

pneumonia

نمونيا، ڦڦڙن جي سوڄ جي بيماري


From the Dictionary of Official Terms:

pneumonia

ڦڦڙن جي سوڄ- نمونيا


From the Medical Dictionary:

pneumonia

ذات الصدر

ذات الصًدر (نمونيا)


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Pneumonia

نَمو نِيا

ڦڦڙن جي انفيڪشن سبب ٿي پوندڙ سوزش، جنھن جا مکيا ٻه قسم ٿين ٿا: لوبر نمونيا (lobar pneumonia) ۽ برونڪونمونيا (broncho pneumonia). لوبرنمونيا جي شروعات ۾ ڦڦڙ جو رڳو ھڪ لوب متاثر ٿئي ٿو. برونڪو نمونيا ۾ شروعات برونڪي (bronchi) ۽ برونڪيئولس (bronchioles، ھوا لنگهه) جي سوزش سان ٿئي ٿي. نمونيا ڪنھن به قسم جي خوردبيني جيوڙي سبب ٿي سگهي ٿي جڏھن ته گهڻا وائرسن سبب ٿي پون ٿا جھڙوڪ: اَڊينووائرس (adenovirus) يا بئڪٽيريا جھڙوڪ: اسٽريپٽوڪوڪس نمونيئي (Streptococcus pneumoniae)، ھيموفيلس انفلوئينزي (Haemophilus influenzae) ۽ مائڪوپلازما نمونيئي (Mycoplasma pneumoniae). بيماريءَ جون عام نشانيون بخار، ڏڪڻي، ساه جي مونجهه ۽ کنگهه جنھن ۾ پيلو ـ سائو بلغم پيدا ٿئي ٿو ۽ ورلي رت اچي ٿو. گنڀير پيچيدگين ۾ پلورل اِفيوشن (pleural effusion)، پلِورسي (pleurisy) ۽ ڦڦڙ جو ڳڙه ٿئي ٿو. تشخيص لاءِ جسماني تپاس، ڇاتيءَ جي ايڪسري، بلغم جي چڪاس ۽ رت ۾ خوردبيني جيوڙن جي موجودگي ڏسجي ٿي. علاج جو مدار ڪارڻ آھر ڪجي ٿو جنھن ۾ اينٽيبِياٽڪ (antibiotics) يا اينٽي ڦنگل (antifungal) دوائون شامل ٿي سگهن ٿيون. بخار گهٽائڻ لاءِ پيراسيٽامول، گنڀير حالتن ۾ آڪسيجن ٿراپي ۽ مصنوعي طريقي سان ساه کڻائي سگهجي ٿو. گهڻين حالتن ۾ عام طور تي 2 ھفتن اندر صحت بحال ٿي وڃي ٿي. انفلوئنزا (influenza) ۽ نيوموڪوڪس (pneumococcus) جي بچاءَ جي ويڪسين ڏيڻ سان نمونيا کان بچاءُ ٿي سگهي ٿو ته تماڪ ڇڪڻ بند ڪرڻ سان به اوترو فائدو ٿي سگهي ٿو.


.


Other Phrases of pneumonia used in Daily life:

Remember Me Also:

پوڳرال

ذ. گاهه جو هڪ قسم.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal