SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


pertussis

(click word to listen sound
  • 🔊
  • pertussis
  • )

From the Dictionary of Official Terms:

pertussis

کِرٽيو- ڪاري کنگهه


From the Medical Dictionary:

pertussis

گٻهري

گٻهري جي کنگههِ (کرٽيو، ڪرڪ يا ڪاري کنگههِ)


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Pertussis

پر.ٽيو.سس

ھڪ انتھائي وچڙندڙ قسم جي بيماري جنھن کي کرٽيو/ وڏي کنگهه (whooping cough) به سڏجي. عام طور تي ابھمن ۽ ننڍن ٻارن کي متاثر ڪري ٿي. جنھن جون مکيو نشانيون کنگهه جا دورا جيڪي عام طور تي مخصوص کرٽيي (whoop) ۾ ختم ٿين ٿا. روڳ جو مکيو ڪارڻ بورڊيٽيلا پيرٽيوسس (Bordetella pertussis) بئڪٽيريا ٿئي ٿي جيڪي ھوا ۾ موجود آبي ڦڙين رستي پکڙجن جا. 7 کان 10 ڏينھن جي انڪيوبيشن پيريئڊ/ نسرڻ جي عرصي (incubation period) کانپوءِ بيماري ھلڪيءَ کنگهه، نِشن، نڪ وھڻ، بخار ۽ اٿيل اکين سان شروع ٿئي ٿي. ڪجهه ڏينھن کانپوءِ کنگهه خاص طور تي رات جو گهڻي، پڪي ۽ شديد ٿي پوي ٿي. گهڻين حالتن ۾ کرٽيو ٿي پوي ٿو. ورلي کنگهه سبب الٽي به ٿي سگهي ٿي. ابھمن ۾ کنگهه جي دوري کانپوءِ عارضي طور تي ساه منجهي سگهي ٿو ممڪن ٿئي ٿو ته بيماري ڪجهه ھفتن تائين ھلي. بيماريءَ جي ممڪن پيچيدگين ۾ نڪھير، جسم جو سوڪھڙو (dehydration)، نمونيا (pneumonia)، نوموٿوريڪس (pneumothorax)، برونڪيئيڪٽيسس (bronchiectasis) ۽ جهٽڪا (seizures) ٿي سگهن ٿا. علاج نه ڪجي ته بيماري موتمار ثابت ٿي سگهي ٿي. عام طور تي کرٽيي جي سڃاڻپ ان جي نشانين مان ڪجي ٿي. شروعاتي مرحلي ۾ اِرٿرومائيسن (erythromycin) ڏجي ٿي ته جيئن ٻار ۾ روڳ جي زور کي گهٽائي سگهجي. علاج لاءِ ٻار کي گرم رکجي ٿو (موسم آھر)، کاڌو ھر ھر پر ٿورو ٿورو ڪري ڏجي ٿو ۽ ججهي پاڻيٺ پيارجي ٿي ۽ کيس ڪنھن به محرڪ جھڙوڪ: دونھين کان بچائجي ٿو نه ته کنگهه پيدا ٿي سگهي ٿي، جيڪڏھن ٻار نيرو ٿي وڃي يا لاڳيتو الٽي ڪندو رھي ته کنگهڻ کانپوءِ کيس اسپتال داخل ڪرائڻ ضروري ٿئي ٿو. ابھمن کي بچائڻ لاءِ برادرين کي ويڪسينيشن رستي ابھمن جي مدافعت (immunity) وڌائڻ گهرجي جيئن انگلئنڊ ۾ کرٽيي جي بچاءَ لاءِ 2، 3 ۽ 4 مھينن جي عمر ۾ ويڪسينيشن ۽ 3 سالن ۽ 4 مھينن يا سويرو ان جو بوسٽر ڊوز ڏجي ٿو. جنھن جا ممڪن اگرا اثر ھلڪو بخار ۽ چِڙ ٿي سگهي ٿي. ورلي ڪنھن ٻالڪ کي ويڪسين جي شديد ردعمل طور تيز رڙ ڪري ٿو يا جهٽڪا ٿي پون ٿا.


Remember Me Also:

ننو

نَنو جمع نَنا

ذ . ’نه‘ اکر، ڪجهه به نه. ناڪار، انڪار، نابري، ناڪارو، جواب، عدول. (صفت).

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal