SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


oesophagus, cancer of

(click word to listen sound
  • 🔊
  • oesophagus
  • kænsərəs
  • kænsər
  • ɔf
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

oesophagus, cancer of

اِي.سو.في.گس ـ ڪينسر ـ آف

لڪيءَ جي ڪينسري ڳوڙھي، جيڪا 50 سالن کان وڏيءَ عمر جي فردن ۾ گهڻي عام ٿئي ٿي ۽ گهڻي ڀاڱي لڪيءَ جي وچين يا ھيٺين حصي کي متاثر ڪري ڳھڻ ۾ تڪليف پيدا ڪري ٿي. تماڪ ڇڪڻ ۽ گهڻي الڪوحل جو استعمال ان جي ٿيڻ جا خطرا ٿين ٿا. تڪليفون آھستي آھستي ايتريون بدتر ٿي وڃن ٿيون جو کاڌو ھڪدم اوڳاڇي ڇڏجي ٿو ۽ وزن تيزيءَ سان گهٽجي وڃي ٿو. اوڳاڇيل پاڻيٺ نڙگهٽ (trachea) ۾ وڃڻ سبب عام طور تي ساه جا انفيڪشن ٿي پون ٿا. تخشيص لاءِ اينڊواسڪوپيءَ (endoscopy) دوران بايوپسي (biopsy) ڪجي ٿي. بيريم سوالو (ڏسو، bari- um X-ray examinations)، سي ٽي اسڪيننگ (CT scanning) ۽ ايم آر آءِ (MRI) رستي ڪينسر جي حالت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڪن حالتن ۾ ممڪن ٿئي ٿو ته لڪي خارج ڪري ڇڏجي. نه ته فوٽوڊائنامڪ ٿراپيءَ (photodynamic therapy) استعمال ڪري يا ته ڳوڙھي ناس ڪري يا سسائي سگهجي ٿي. جنھن لاءِ روشنيءَ لاءِ حساس ھڪ دوا ھڻجي، اينڊواسڪوپ جنھن سان ليزر لڳل ھجي ٿو ليزر جي روشني استعمال ڪندي دوا کي موثر ڪجي ٿو ته اھا ٽيومر کي ناس ڪري ڇڏي ٿي. ريڊيوٿراپي (radiotherapy) سان ڪينسر اٿلي سگهي ٿي، تڪليفون ختم ٿي وڃن ٿيون ۽ ورلي ڪو پراڻن مريضن کي جيڪي ممڪن آھي ته وڏي آپريشن مان بچي نه سگهن تن کي ڇٽائي ٿي. ڳوڙھي ۾ ڪنھن نھري نلڪي يا ليزر علاج رستي ان کي ساڙڻ سان تڪليفون ختم ٿي وڃن ٿيون ۽ کاڌي ۾ بھتري اچي سگهي ٿي. جيتوڻيڪ مجموعي صورتحال سٺي نٿي ٿئي تنھن ھوندي اوائلي تشخيص سان بھتري ٿي سگهي ٿي.


Remember Me Also:

چادر، چادر ، چادريون

ث. [ف] ويڪرو ۽ ڊگهو ڪپڙو ، هنڌ تي وڇائڻ جو پوش. پوتي ، رئو ، شالَ. قبر يا سيڄ تي وڇائڻ لاءِ گُلن جي چادر. ڪنهن ڌاتوءَ جو پڙڇ. ويڪرو ۽ ڊگهو پَنُ. پاڻيءَ جي هڪ ويڪري ڌارَ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal