
ڪنبڻي
ڪنبڻي (ڏڪڻي، اک جو ڦڙڪڻ)
Nystagmus
نِسٽئگمس
ھڪ اھڙي تڪليف جنھن ۾ اکين جي بار بار اَجهل/ بي ضابطا چرپر ٿئي ٿي. انھن ۾ ھڪ گهڻو عام قسم جرڪي نِسٽئگمس (jerky nystagmus) ٿئي ٿو جنھن ۾ اکيون بار بار آھستي آھستي ھڪ طرف ٿي وڃن ٿيون ۽ پوءِ تڪڙيون ٻئي پاسي ڦري وڃن ٿيون. گهٽ عام قسم پينڊيولر (pendular) ٿئي ٿو جنھن ۾ اکيون ڌيري ڌيري ۽ ھڪڪريون ھڪ پاسي کان ٻئي پاسي ڦري وڃن ٿيون. نِسٽئگمس، پيدائشي به ٿي سگهي ٿي جنھن جي ڪارڻ جي ڄاڻ ڪونھي. ڄمڻ وقت بگائپ (albinism) واريءَ حالت ۾ ديد جي ڪنھن شديد نقص سبب به ٿي پوي ٿو جھڙوڪ: پيدائشي موتيو پاڻي (cataract). دائمي نِسٽئگمس نه رڳو زندگيءَ ۾ اڳتي ھلي ٿي پوي ٿو پر عام طور تي تنتي سرشتي جي نقص جو به اشارو ٿئي ٿو (جھڙوڪ: multiple sclerosis, a brain tumour, or an alcohol-related disorder) يا اندرين ڪن جي توازن رکندڙ طريقي ۾ گڙٻڙ جو پيدا ٿيڻ. وڏن ۾ نِسٽئگمس جي پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ ھڪ پيشاوراڻو نقص انھن فردن ۾ پيدا ٿئي ٿو جيڪي جهڪيءَ روشنيءَ ۾ ڪم ڪن ٿا. اليڪٽرونِسٽئگموگرافيءَ (electronystagmography) رستي اکين جي چرپر رڪارڊ ڪري نِسٽئگمس جي قسم جي ڄاڻ رکي سگهجي ٿي.
کيسر
ذ . خدمت چاڪري ، ٽهل ٽڪور ، شيوا.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal