
اوٿارو اوٺارو
اوٿارو اوٺارو (ڊيڄوڙي وارو خواب)
Nightmare
نائيٽ.ميئر
اوٿارو، اڻوڻندڙ ۽ ڀيانڪ سپنو جن سان ورلي ٻوساٽيندڙ احساس پيدا ٿئي ٿو. ڀيانڪ سپنا ننڊ جي ريم (REM/Rapid Eye Movement) واريءَ حالت ۾ رات جو وچين يا آخري پھرن دوران پيدا ٿين ٿا، جيڪڏھن خواب ڏسندڙ مڪمل طور تي جاڳي پوي ته چٽيءَ طرح سان ياد رکي ٿو. اوٿارا، خاص طور تي 8 کان 10 سالن جي ٻالڪن ۾ عام ۽ جڏھن ناخوش يا پريشان ھجن تڏھن خصوصاً پسجن ٿا. بالغن ۾ انھن جو ڪارڻ ڪن قسمن جي دوائن جھڙوڪ: بيٽا بلاڪر (beta-blocker) ۽ بينزوڊائزيپين (benzodiazepine) دوائن جا اگرا اثر ٿي سگهن ٿا. ڀيانڪ سپنن جو بار بار ڏسڻ پريشان ڪندڙ تجربا به ٿي سگهن ٿا. اوٿارن کي ھائپناگوگڪ ھاليوسينيشن (hypnagogic hallucinations، ننڊ اچي وڃڻ) يا نائيٽ ٽيرر (night terror، جيڪي نان ريپڊ آءِ موومينٽ NREM دوران پسجن ٿا) سبب منجهڻ نه گهرجي. اھي ٻئي ڏينھن تي ياد نٿا پون.
گگن گئون
الوٽ. گم ٿيل.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal