SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


nerve

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • nəːv

From the English to Sindhi Dictionary:

nerve

جسماني طاقت، همت، تنت


From the Dictionary of Haematology:

nerve

نرو

نس،رڳ،تنت،پٺو،عصب،نبض،تندوري نماعضوو


From the Dictionary of Official Terms:

nerve

رڳ- تنت- نبض


From the Medical Dictionary:

nerve

تنت

تنتَ (عصب، (عصاب) (ع))


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Nerve

نرِو

تنت، اعصاب، تنتي تاندورن جو ھڪ جهڳٽو جيڪو ھڪ ڪامن/گڏيل ماڳ ڏانھن سفر ڪري ٿو. تنتي تاندورن کي ايڪسان (axons) سڏجي ٿو جيڪي ڪيترن انفرادي نيوروانن (neurons/nerve cells) جي تاندورن/ فلِمينٽيس جا وڌاءَ ٿين ٿا. جسم جون وڌ ۾ وڌ واضح تنتون جيڪي مرڪزي تنتي سرشتي (central nervous system/CNS، مغز ۽ مغزي ڏوريءَ) کان نڪرن ٿيون پيرِيفيرل (peripheral) تنتون ٿين ٿيون. انھن مان 12 ڪوپريءَ (cranial) جي تنتن جا جوڙا سڌا مغز، مغزي تنتن (spinal nerves) جا 13 جوڙا مغزي ڏوريءَ سان ملن ٿا. ڪلهي ۽ سٿر وارن حصن ۾ مغزي تنتون پاڻ ۾ ملي پلڪسِس (plexuses) جوڙين ٿيون جن مان شاخن جي صورت ۾ مکيو تنتون ٽنگن ٻانھن ڏانھن نڪرن ٿيون. ڪيتريون تنتون مختلف ھنڌن تي ورھائجي جسم جي سڀني حصن خاص طور تي حسي عضون، چمڙي، ھڏائين مشڪن، اندرين عضون ۽ غدودن ڏانھن شاخون موڪلين ٿيون. تنتي تاندورن جو حسي ڪم ڪنھن رسپٽر يا حسي عضوي کان سي اين ايس ڏانھن معلومات موڪلڻ ٿي سگهي ٿو يا موٽر فنڪشن يعني اي اين ايس جون ھدايتون ڪنھن مشڪ يا غدود کي پھچائڻ ٿئي ٿو. اھي پيغام برقي اِمپلسز، تاندورن رستي پھچائين ٿا. ڪي تنتون رڳو حسي يا موٽر فائبر پھچائين ٿيون ته گهڻيون ٻئي ڪم ڪن ٿيون. تنتن جو ڪم ٿڌ، دٻاءَ ۽ ضرب لاءِ حساس ھجڻ ٿئي ٿو (ڏسو، nerve injury). پيريفِيرل تنتون ڪيترن قسمن جي نقصن سبب تباه ٿي سگهن ٿيون جن ۾ روڳ، سوزش ۽ ميٽابولي نقص (ڏسو، neuropathy) شامل ٿين ٿا.


Related words with: nerve


.


Other Phrases of nerve used in Daily life:

.


nerve is also used in:

Remember Me Also:

خير سان اسهڻ

ٻاهر وڃڻ ، سفر تي روانو ٿيڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal