
يادگيري، حافظو، ذهن، سار
يادگيري- حافظو
حافظو، ڪمپيوٽر ۾ مواد رکڻ جي صلاحيت
قوت حافظه
1 قوت حافِظه (حافظي يا يادگيري جي قوت)
Memory
ميم.ري
ياد رکي سگهڻ جي قابِليت. عام طور تي يادگيري جا ٽي ڏاڪا سمجهيا وڃن ٿا: رجسٽريشن (registration)، اسٽوريج (storage) ۽ رِيڪال (recall). رجسٽريشن ۾ معلومات کي پروڙيو، سمجهيو ۽ مختصر عرصي لاءِ سانڍيو وڃي ٿو. جيستائين اھا مسلسل ورجائبي نه رھي ته مختصر عرصي جي يادگيري جو مواد منٽن ۾ ميسارجي وڃي ٿو. رِيٽينشن ۾ معلومات ڊگهي عرصي جي يادگيري ۾ مٽجي ذخيرو ٿي وڃي ٿي. ريڪال ۾ معلومات پنھنجيءَ مرضيءَ سان شعور ۾ واپس ڪري سگهجي ٿي. ڪيترا پھلو فيصلا ڪن ٿين ٿا ته ڪا ڳالهه ڪيتريءَ سٺيءَ طرح سان ياد ڪري سگهجي ٿي جنھن ۾ شناسائي سان گڏ ان ڏانھن ڪيترو ڌيان ڏيڻ گهرجي شامل ٿين ٿا.ان ڳالهه جي ڄاڻ ڪونھي ته دماغ ۾ ڪھڙي ھنڌ تي يادگيري جي سلسلي جو عمل ٿيندو رھي ٿو. جڏھن ته ممڪن ٿئي ٿو ته ان ۾ ٽيمپورل لوب (temporal lobe)۽ لِمبڪ سرشتو (limbic system) شامل ھجي. ڪيتري يادگيري ۾ خلل پوڻ جو ڪارڻ ريٽينشن يا ريڪال مرحلي ۾ پيدا ٿئي ٿو (ڏسو، amnesia). ڪن حالتن ۾ اھو مسئلو رجسٽريشن واري مرحلي ۾ پيدا ٿئي ٿو. جيڪي فرد ٽيمپورل لوب اِپيليپسيءَ (temporal lob epilepsy) ۾ مبتلا ٿين ٿا تن کي ڏور ماضيءَ جون جهلڪيون/ يادگيريون اينديون رھن ٿيون. يادگيري جو سڀ کان وڏو نقص، عمر سان گڏ پيدا ٿيندڙ عام تڪليف ٿئي ٿي. يادگيري جو شديد مسئلو ممڪن ٿئي ٿو ته ڊِمينشيا (dementia) جي تڪليف سان لاڳاپيل ھجي.
Related words with: memory
عقل جي مار
ث. سمجهه جي هيڻائي ، عقل جي ڪوتاهي ، ڪُند ذهني ، ڪم فهمي.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal