SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


measles

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • miːzlz

From the English to Sindhi Dictionary:

measles

ارڙي جيڪا ٻارن کي ٿيندي آهي، ننڍي ماتا


From the Dictionary of Official Terms:

measles

اُرڙي


From the Medical Dictionary:

measles

ارڙي

اُرڙي، لُنڊي


پنجڙي

پنجِڙِي (اُرڙي)


ننڍي مائي

ننڍي مائي (اُرڙي)


ٻارن جي لغت مان

measles

گرامر noun

- اسم

ٿَڌِڙا


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Measles

مي.زِلس

ارڙي، ھڪ انتھائي خطرناڪ وائرسي بيماري جيڪا بخار سان گڏ جسم تي ڳاڙھا نشان پيدا ڪري ٿي. عام طور تي ٻارڙن کي متاثر ڪري ٿي ته ڪنھن به عمر ۾ ٿي سگهي ٿي. ارڙيءَ جو وائرس گهڻي ڀاڱي نڪ جي پاڻيٺي ڦڙين مان ھوا رستي پکڙجي ٿو. بيماريءَ جي نسرڻ جو عرصو ((incubation period روڳ لڳڻ جي 8 کان 14 ڏينھن دوران ۽ ان جي نشانين پيدا ٿيڻ جي 7 ڏينھن کانپوءِ به ڦھلجي سگهي ٿي. بيماريءَ جي شروعات بخار، نڪ وھڻ، اکين جي سوزش، کنگهه ۽ اَگهائپ جي عام احساس سان ٿئي ٿي. وات ۾ ڪوپلڪس نشان (Koplik’s spots) ظاھر ٿي سگهن ٿا. 3 ـ 4 بعد ڳاڙھا نشان پيدا ٿين ٿا جن جي عام طور تي شروعات مٿي، ڳچيءَ کان ٿي سڄي جسم تي پکڙجي وڃن ٿا. ورلي ڳاڙھا نشان ڳنڍجي وڏا ڳاڙھا چٽا ٿي پون ٿا ۽ لِمف نوڊ (lymph nodes) به سڄي سگهن ٿا. 3 ڏينھن کانپوءِ ڳاڙھا نشان ھلڪا ٿيڻ شروع ٿين ٿا ۽ تڪليف گهٽجي وڃي ٿي. ارڙيءَ جون پيدا ٿيندڙ گهڻيون عام پيچيدگيون ڪن ۽ ڇاتيءَ جا روڳ ٿين ٿا. جيڪي عام طور تي ڳاڙھن نشانن پيدا ٿيڻ جي 3 کان 4 ڏينھن پوءِ پيدا ٿين ٿا. دست، الٽي ۽ پيٽ جو سور به ٿي سگهي ٿو. بخار سبب ڳڍڙيون عام ٿين ٿيون (ڏسو، convulsion, febrile) پر عام طور تي ايتريون سنگين نٿيون ٿين. اٽڪل 1000 مان 1 ۾ اِنسيفيلائيٽس (encephalitis) پيدا ٿي مٿي جو سور، غشي ۽ الٽي پيدا ڪري ٿي. ان کانپوءِ ممڪن ٿئي ٿو ته ڳڍڙيون پون ۽ سڪتو ٿي پوي، ورلي مغز کي ڇيھو رسي ٿو ته موت به اچي سگهي ٿو. تمام ورلي حالتن ۾، ڪيترن سالن کانپوءِ مغز جي ھڪ وڌندڙ بيماري؛ سب اڪيوٽ اسِڪليروسنگ پين اِنسيفيلائيٽس (subacute sclerosing panencephalitis) ٿي پوي ٿي.جيڪڏھن ارڙي، حمل دوران ٿي پوي ته اٽڪل ھر پنجون ابھم فوت ٿي وڃي ٿو. جڏھن ته اھڙو ڪو ثبوت موجود ڪونھي ته ارڙيءَ پيدائشي نقص پيدا ڪري ٿي. ارڙيءَ جو ڪو مخصوص علاج ڪونھي. بخار جي حالت ۾ ججهي پاڻيٺ ۽ پيراسيٽامول ۽ بئڪٽيريا جي روڳ جي علاج لاءِ اينٽيبياٽڪ (antibiotics) دوائون ڏئي سگهجن ٿيون جيڪي پيچيدگين دوران پيدا ٿي پون ٿيون. ارڙيءَ کان بچاءَ لاءِ، 12 کان 13 مھينن جي عمر ۾ ايم ايم آر (MMR) ويڪسِينيشن ڪرائڻ ۽ 3 سالن ۽ 4 مھينن يا ستت پوءِ بوسٽر ڊوز ھڻائڻ جي صلاح ڏجي ٿي.


.


Other Phrases of measles used in Daily life:

.


measles is also used in:

Remember Me Also:

ڏاڏاڻو

ذ. صفت. ڏاڏي جو ، ڏاڏي جي رشتي وارو ، اباڻو ، ڏاڏي جي آڪهه جو ، ڏاڏاڻڪو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal