
گردو، بڪي
گڙدو
گڙدو
گُڙدو (گُردو)
گرامر noun
- اسم
گُردو / گُڙدو
Kidney
ڪڊ.ني
بڪي، گردو، ٻن مان ڪو به ھڪڙو عضوو جنھن جو ڪم رت ڇاڻڻ، غلاظتي مادا ۽ واڌو پاڻي پيشاب (urine) جي صورت ۾ خارج ڪرڻ ٿئي ٿو. بڪيون پيٽ جي ڀانڊي ۾ پٺيان، ڪنڊي جي ٻنھي پاسن کان ٿين ٿيون. ھر بڪي ھڪ تاندوري ڪيپسول ۾ ويڙھيل ٿئي ٿي ۽ ٻاھرين ڪورٽيڪس (cortex) ۽ اندرين مڊولا (medulla) جي ٺھيل ٿئي ٿي. ڪورٽيڪس ۾ مخصوص قسم جا رت واھڻ (capillaries) ٿين ٿا جن کي گلوميريولي (glomeruli) سڏجي ٿو جيڪي نلڙين (tubules) جي ھڪ سلسلي سان گڏجي نيفران (nephrons) جوڙين ٿا ۽ بڪين جا ڇاڻ گهر ٿين ٿا. نيفران، دٻاءَ ھيٺ رت ڇاڻي ۽ پوءِ پاڻي ۽ ڪن ٻين چونڊ مادن کي ٻيھر جذب ڪري رت ۾ واپس ڪري ڇڏين ٿا. پيشاب انھن مادن مان جڙي ٿو جيڪي ٻيھر جذب ٿي نٿا سگهن. پيشاب، نلڙين رستي رينل پيلوس (renal pelvis، بڪيءَ جو مرڪزي پيشاب گڏ ڪندڙ حصو) کانپوءِ گردي جي نلين (ureters) رستي مثاني ۾ وڃي پوي ٿو. بڪين جو اھو به ڪم ٿئي ٿو ته جسم جي پاڻيٺ جو توازن برقرار رکڻ لاءِ واڌو پاڻي خارج ڪري ڇڏين ٿيون يا جڏھن جسم مان گهڻو پاڻي ضايع ٿي وڃي ٿو ته اھو سانڍي ڇڏين ٿيون (ڏسو، ADH). بڪيون جسم جي کٽي ـ کاراڻ توازن (acid-base balance) کي به برقرار رکڻ لاءِ پيشاب جي تيزابيت کي ايڊجسٽ ڪري ڪنٽرول ڪن ٿيون ته رت جي ڳاڙھن سيلن (blood cells) جي ھارموني پيداوار ۽ بِلڊ پريشر (blood pressure) کي باقاعدگي قائم رکن ٿيون.
Related words with: kidney
مڳي
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal