SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


itching

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • itʃiŋ

From the Dictionary of Haematology:

itching

اِچنگ

خارش، سرڻو، سرڪو، کاڄيبدن ۾


From the Medical Dictionary:

itching

کر کر

کُرِ کُر (ڪُڃ، ڪُچ، تِر تر، سُر سُر)


کرڙو

کرَڙو (خارس،کهه)


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Itching

اِچ.نگ

چمڙيءَ جي شديد خارس يا پَٽ جو احساس. حد کان وڌيڪ وھنجڻ سبب به عام خارس پيدا ٿي سگهي ٿي جنھن جو ڪارڻ چمڙيءَ جي قدرتي تيلن جو خارج ٿي چمڙيءَ کي گهڻو خشڪ ڪري ڇڏڻ ٿئي ٿو. ڪي ماڻھو، ڪن دوائن کائڻ کانپوءِ عام خارس محسوس ڪن ٿا. ڪيترا نوجوان خاص طور تي پٺيءَ تي خشڪ، خارسي چمڙيءَ جي تڪليف محسوس ڪن ٿا. عام طور تي حمل دوران خارس ٿي پوي ٿي. چمڙيءَ جون ڪيتريون تڪليفون جن ۾ لاکڙو (chicken pox)، ڏَڏر (urticaria) ۽ مَلو (eczema) شامل ٿئي ٿو خارسي ڊٻڙ پيدا ڪن ٿا. چمڙيءَ جي عام خارس ڊائبِيٽيز ميلائيٽس (diabetes mellitus)، بڪين جي ناڪاره ٿيڻ (kidney failure)، يرقان (jaundice) ۽ ٿائروائڊ (thyroid) جي نقصن سبب به پيدا ٿي پوي ٿي. بواسير (haemorrhoids) ۽ ائنل فشر (anal fissure) سبب پرُورائيٽس ايني (pruritis ani، گديا جي چوگرد خارس) ٿي پوي ٿي. گهڻو ممڪن ٿئي ٿو ته ٻارن ۾ سيڪين (threadworm) سبب گديا ۾ خارس ٿي پوي. پرورائيٽس ولوِي (pruritus vulvae) ڪينڊيڊياسس (candidiasis)، ھارموني تبديلين يا تخم ڪشن (spermicides) يا گرڀ ناليءَ جي مَلمن يا بدبوءِ ماريندڙ (deodorants) دوائن، جيتن جي چڪن (insect bites)، جوئن (lice) ۽ مَلهي (scabies) سبب شديد خارس ٿي پوي ٿي. خارس جو مخصوص علاج ان جي اصلي ڪارڻ مطابق ڪجي ٿو. متاثر حصي کي ٿڌي رکڻ سان ممڪن ٿئي ٿو ته خارس گهٽجڻ ۾ مدد ملي سگهي. چمڙيءَ کي نرم ۽ ٺاريندڙ دوائون/ لپريون (emollients) ٻڌڻ سان خشڪي ختم ڪري سگهن ٿيون.


.


Other Phrases of itching used in Daily life:

.


itching is also used in:

Remember Me Also:

گيندو

ذ . گل جو هڪ قسم.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal