SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


intestine

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • intestin

From the English to Sindhi Dictionary:

intestine

اندروني، ديسي، خانگي


From the Dictionary of Haematology:

intestine

انٽس ٽائن

آنڊا گونڊا، آنڊو


From the Medical Dictionary:

intestine

آنترو

آنترو (آنڊو)


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Intestine

اِن.ٽيسٽِن

آنڊو، ھاضمي جي سرشتي جو وڏو حصو (ڏسو، digestive system) جيڪو معدي جي ڇوڙ واري ھنڌ کان گديا تائين ٿئي ٿو. ھڪ وڏو ٽيوب جوڙي ٿو جيڪو ٻن مکيو حصن؛ ننڍي ۽ وڏي آنڊي ۾ ورھايل ٿئي ٿو. ننڍو آنڊو اٽڪل 6.5 ميٽر ڊگهو ۽ ان جا ٽي حصا ٿين ٿا: ڊيوڊينم (duodenum)، جيجونم (jejunum) ۽ اِلييم (ileum). معدي مان جزوي ھضم ٿيل کاڌو، پيرِيسِٽيلسس (peristalsis، آنڊي جي ڪوئن) رستي آنڊي ۾ داخل ٿئي ٿو. ننڍي آنڊي جو ڪم کاڌي کي ھضم ۽ جذب ڪرڻ ٿئي ٿو. جزوي ھضم ٿيل کاڌي ۾ ھاضم رسون (enzymes) ۽ پت (bile)، ڊيوڊينم مان پت ۽ پينڪرياٽڪ ڊڪٽن (ڏسو، biliary system) رستي ملي وڃن ٿيون.ننڍي آنڊي جي ھر حصي جا غدود ميوڪس (mucus) ۽ ٻيون انزائيمون پيدا ڪن ٿيون جيڪي کاڌي کي ٽوڙڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. آنڊي جي ڀتين جون رت نليون غذائي جزا جذب ڪري جيري ڏانھن کڻي وڃن ٿيون جتان سڄي جسم ۾ ورھائجي وڃي ٿو. وڏو آنڊو اٽڪل 1.5 ميٽر ڊگهو ٿئي ٿو. جنھن جو مکيو حصو وڏو آنڊو (colon)، چئن ڀاڱن اَسينڊِنگ (ascending)، ٽرانسِورس (transverse)، ڊِيسينڊنگ (descending) ۽ پيلوِڪ يا سِگموائڊ ڪولون (pelvic/sigmoid colon) ۾ ورھايل ٿئي ٿو. اپينڊڪس (appendix) ھڪ ڳوٿريءَ سيڪم (caecum) مان ننڍي آنڊي ۽ وڏي آنڊي جي وچ ۾ لڙڪندي رھي ٿي. جڏھن ته، گديا (anus) کان اڳ ۾ ان جو آخري حصو ريڪٽم (rectum) ٿئي ٿو. اڻ ھضم ٿيل مادو، ننڍي آنڊي مان پاڻيٺ ۽ تاندوري جي صورت ۾ خارج ٿي وڃي ٿو. اھو مادو جيئن ئي وڏي آنڊي مان گذري ٿو ته منجهانئس پاڻي، وٽامنون ۽ معدني لوڻ جذب ٿي رت جي وھڪري سان شامل ٿي وڃن ٿا ۽ باقي ڪرفتي بچي ٿي جيڪا اڻ ھضم ٿيل کاڌي، سڻڀ، مختلف رتوبتن ۽ بئڪٽيريا جي ٺھيل ٿئي ٿي. ڪرفتي ڀيڪوڙجي ريڪٽم رستي جسم مان ٻاھر خارج ٿي وڃي ٿي.


.


Other Phrases of intestine used in Daily life:

Remember Me Also:

هرواڻي

هَرواڻِي جمع هَرواڻِيُون (ٿ)

ث . هَرجو رُڪ جو ڦار، چوني. (اسم خاص). هڪ ذات جو نالو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal