SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


intestinal obstruction

(click word to listen sound
  • 🔊
  • intestinl
  • əbstrʌkʃən
  • )

From the Medical Dictionary:

intestinal obstruction

موڙهه

مُوڙههُ


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Intestinal obstruction

اِن.ٽيسٽِينل ـ آبِسٽرڪشن

ننڍي يا وڏي آنڊي جو جزوي يا مڪمل طور تي ٻنجيل ھجڻ جنھن جي ڪارڻن ۾ شامل ٿين ٿا اِسٽرينگيوليٽيڊ ھرنيا (hernia)، آنڊي جي اِسٽينوسِس (stenosis)، عام طور تي آنڊي جي ڪينسر ٿي پوڻ؛ آنڊي جي اَيٽريسيا (atresia)؛ چيڙه (adhesion)؛ والوِيولس (volvulus) ۽ انٽوسِسيپشن (intussusception). آنڊي جي روڪ تڏھن به پيدا ٿي پوي ٿي جڏھن ڪا بيماري آنڊي جي ڀت کي متاثر ڪري وجهي ٿي جھڙوڪ: ڪروھنس ڊزيز (Crohn’s disease). انھن کان عام طور تي گهٽ پيدا ٿين ٿيون آنڊي جي اندرين ٻنج جنھن جو ڪارڻ ڦاٿل کاڌو، ڪرفتيءَ جي ٻجهه (faecal impaction)، پتي جون پٿريون (gallstone) يا ڪا اھڙي شئي جيڪا ڳھي ڇڏجي. ننڍي آنڊي ۾ پيدا ٿيندڙ ڪا به روڪ عام طور تي پيٽ جي وچ تي وقفي وقفي سان پوندڙ مروٽن جھڙو سور پيدا ڪري ٿي جنھن سان گڏ ھر ھر پر وڌندڙ الٽيءَ جا دورا پون ٿا ۽ ان سان گڏ ريح جو خارج ٿيڻ ۽ پيٽان ويھڻ بند ٿي وڃي ٿو. علاج لاءِ معدي کي نيزوگئسٽرڪ (nasogastric) نلڪيءَ رستي خالي ڪرڻو پوي ٿو ۽ جسم جي ضايع ٿي ويل پاڻيٺن جي، نس رستي ڊرپ ھڻي کوٽ پوري ڪرڻي پوي ٿي. ڪن حالتن ۾ ان سان مسئلو حل ٿي وڃي ٿو ته گهڻين حالتن ۾ آپريشن رستي ٻنج کي ختم ڪرڻ ضروري ٿي پوي ٿو.


Remember Me Also:

جهمڪ، جهمڪ

ذ. وڻ جي ٽاريُن جي گهاٽاڻِ. ڇُڳو ، جهُڳٽو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal