
ورثو، ميراث، ذاتي جوهر
وراثت- ورثو- ميراث- مالڪاڻو قبضو.
انھيريٽنس
قبضو،مالڪاڻو، ذات، ورثو، ميراث، وراثت
ورثو- وراثت
Inheritance
اِن.ھي.ري.ٽنس
والدين مان پنھنجيءَ اولاد ۾ جينن (genes) رستي گڻ ۽ اوگڻ (خاصيتون ۽ نقص) منتقل ٿيڻ. جينون، ڊي اين اَي (DNA/deoxyribonucleic acid) جا ايڪا ڪنھن فرد جي سيلن ۾ موجود ٿين ٿا، ڊي اين اَي جسم جي ھر واڌ ۽ ڪم تي ضابطو رکن ٿا. ڪنھن به فرد جي جينن جو اڌ، ان جي ماءُ مان ته ٻيو اڌ ان جي پيءَ مان منتقل ٿئي ٿو. جينون، سيل جي نيوڪليئس جي ڪروموسومن (chromosomes) ۾ موجود ٿين ٿيون ڪيترين خاصيتن تي ضابطو رکن ٿيون ۽ جوڙين جي صورت ۾ منتقل ٿين ٿيون جن مان ھڪ پيءَ مان ته ٻي ماءُ مان ملي ٿي. اسان مان ھر ھڪ کي ڪروموسومن جا 22 جوڙا ٿين ٿا (جن کي آٽوسوم autosome سڏجي ٿو) ۽ انھن ۾ جينون جوڙن جي صورت ۾ موجود ٿين ٿيون، ان کانسواءِ ٻه سيڪس ڪروموسوم (sex chromosome) به ٿين ٿا. مادين ۾ ٻئي ايڪس (X) ڪروموسوم ٿين ٿا ته نرن ۾ ھڪ ايڪس (X) ۽ ھڪ واءِ (Y) ڪروموسوم ٿئي ٿو. گهڻيون جسماني خاصيتون، ڪيترا نقص، ڪي ذھني لياقتون ۽ شخصي پھلو ورثي ۾ ملن ٿا. ورثي ۾ ملندڙ عام رواجي خاصيت ۽ نقصن کي جين جي ان اڪيلي جوڙيءَ جي حساب سان ورھائي سگهجي ٿو جيڪي جينن جي ڪنھن ھڪ جوڙيءَ جي آٽوسومل ڪروموسومن (ھڪ پھلوئي ورثو جھڙوڪ: اک جو رنگ) جي ضابطي ۾ رھن ٿا. ڪن تي سيڪس ڪروموسومن جي جينن جو ضابطو رھي ٿو (سيڪس ـ لاڳاپيل ورثو جھڙوڪ: ھيموفيلِيا) ۽ ڪي گهڻين جينن جي گڏيل ڪنٽرول ۾ رھن ٿا (گهڻ پھلوئي ورثو جھڙوڪ: قد). انھن جينن جي ڪھڙي به جوڙي ڪنھن به خاصيت تي ڪنٽرول ڪندڙ ڪيترا نمونا اختيار ڪري سگهي ٿي جنھن کي اَليلون (allels) سڏجي ٿو. مثال طور؛ اک جي رنگ تي ڪنٽرول ڪندڙ جينون، ٻن مکيو اَليلن جي صورت ۾ موجود ٿين ٿيون جيڪي اک کي نيرو ۽ خاڪي رنگ ڏين ٿيون. انھن مان خاڪي، نيريءَ تي غالب (dominant) ٿئي ٿي، ان لحاظ کان ته نيريءَ اليل تي ڇانئجي (mask) وڃي ٿي جنھن کي خاڪيءَ جي ڀيٽ ۾ مغلوب (recessive) سڏجي ٿو. ھر والدين مان ڪنھن خاصيت تي ڪنٽرول ڪندڙ جينن جي رڳو ھڪڙي جوڙي ڪنھن ٻار ۾ منتقل ٿي وڃي ٿي. مثال طور؛ جيڪڏھن ڪنھنجي اک جو رنگ گاڏڙ، خاڪي/ نيرو آھي ته ٻار ۾ نيريءَ جين جي منتقل ٿيڻ جا موقعا 50 سيڪڙو ۽ خاڪي جين جي منتقل ٿيڻ جا امڪان 50 سيڪڙو ھوندا. اھو پھلو، ٻئي والد مان منتقل ٿيندڙ جين سان ان جي غالب يا مغلوب ھجڻ جي اھميت آھر ملي ان ٻار جي اک جي رنگ جو فيصلو ڪري ٿو. جڏھن ته ڪن قسمن جا موروثي نقص به ھڪ پھلوئي انداز واري ورثي ۾ ملن ٿا (جھڙوڪ: cystic fibrosis ۽ achondroplasia). سيڪس ـ سان لاڳاپيل ورثي جو مدار، ٻن سيڪس ڪروموسومن تي ٿئي ٿو جيڪي آھن ايڪس ۽ واءِ. ان جو گهڻو واضح مثال صنف (gender) ٿئي ٿي. نر صنف ٿيڻ جو فيصلو واءِ ڪروموسوم جون جينون ڪن ٿيون جيڪي رڳو نرن ۾ موجود ٿين ٿيون. جڏھن نرن جي جينن ۾ ايڪس ڪروموسوم تي ڪو به نقص موجود ھجي ته اھو منتقل ٿي ظاھر ٿي پوي ٿو. ڇاڪاڻ ته اھڙو نقص، ٻِئي ايڪس ڪروموسوم جي عام جين جي موجودگيءَ رستي دٻجي يا لڪي نٿو سگهي (جيئن مادين ۾ ٿي سگهي ٿو). ايڪس ڪروموسومن جي جينن ۾ اھي نقص موجود ٿين ٿا جن سبب ڪلر ويزن ڊيفيشنسِي (colour vision deficiency)، ھيموفيليا (haemophilia)، ڪي ٻيا سيڪس ـ لنڪڊ موروثي نقص شامل ٿين ٿا ۽ اھي سڀ نرن کي متاثر ڪندڙ ٿين ٿا. گهڻ پھلوئي اَڍ (multifactorial inheritance) سان گڏ ماحولياتي اثر به ڪن قسمن جي نقصن پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ ٿي سگهن ٿا جھڙوڪ: ڊائبِيٽيز ميلائيٽس (diabetes mellitus) ۽ نيورول ٽيوب ڊِفيڪٽس (neural tube defects).
Related words with: inheritance
ٿڻ ڇڏائڻ
کير ڌائيندڙ ڦر جو کير ڇڏائڻ ، بُبا ڇڏائڻ.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal