
تپ ۽ زڪام جي بيماري
وبائي زڪام
انفلوئينزا
اِنفلُوئينزا (زڪام بخار، فلو)
Influenza
اِن.فلوئن.زا
وائرس سبب ٿي پوندڙ ساه نلين (ھوا لنگهن) جو روڳ، عام طور تي بخار، مٿي جو سور، جسم جو سور ۽ ڪمزوري پيدا ڪري ٿو. عام طور تي ”فلو“ (flu) جي نالي سان سڏجي ٿو ڪنھن متاثر فرد جي کنگهڻ ۽ نشن ڏيڻ سان خارج ٿيندڙ پاڻيٺي ڦڙيون ڪنھن نئين فرد جي ساه ۾ داخل ٿين ٿيون يا اھي ڪن مٿاڇرن تي پوڻ کانپوءِ انھن رستي ھٿ غليظ ٿي جڏھن وات يا نڪ کي ڇھجي ٿو تڏھن بيماري نئين فرد جي جسم تائين پکڙجي وڃي ٿي. عام طور تي انفلوئينزا نسبتاً ننڍڙين وبائن جي صورت ۾ يا ھر دفعي ڪجهه سالن کانپوءِ وڏيءَ وبا جي صورت ۾ پکڙجي ٿي. انفلوئنزا جي وائرس جا مکيا ٽي قسم ٿين ٿا: اي (A)، بي (B) ۽ سي (C). جڏھن ڪنھن فرد کي سي قسم جي انفلوئنزا جو وائرس حملو ڪري ٿو ته سندس جسم ۾ اينٽِيباڊيون (antibodies) پيدا ڪري کيس سڄيءَ عمر لاءِ سي قسم کان بچاءُ ڏئي ڇڏين ٿيون. اَي يا بي قسم جي وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ سان رڳو ان مخصوص قسم لاءِ اِميونٽي پيدا ٿئي ٿي. جڏھن ته اي ۽ بي وائرسَ ان قابل ٿين ٿا ته پنھنجا نوان قسم پيدا ڪري سگهن. اَي قسم پينڊيمڪ (pamdemic، عالمي وبا) پيدا ڪري سگهن ٿا. ورلي، ايئن به ٿئي ٿو ته انفلوئينزا جي وائرسن جا ٻيا قسم جيڪي عام طور تي جانورن تي حملا ڪن ٿا، انسانن کي به متاثر ڪري سگهن ٿا جھڙوڪ: اَيوِيئن انفلوئينزا (avian influenza) ۽ سُوائين انفلوئينزا (swine influenza). اَي ۽ بي قسم، فلوءَ جون ڪلاسيڪل نشانيون پيدا ڪن ٿا. سي قسم ھلڪي بيماري پيدا ڪن ٿا جنھن جو عام زڪام (common cold) کان فرق ڪري نٿو سگهجي، عام طور تي بيماري 7 کان 10 ڏينھن اندر مڪمل طور تي ختم ٿي وڃي ٿي. ورلي، فلو شديد صورت اختيار ڪري سنگين نمونيا (pneumonia) پيدا ڪري وجهي ٿو جيڪو ڪنھن نوجوان صحتمند فرد لاءِ به ھڪ يا ٻن ڏينھن ۾ موتمار ٿي سگهي ٿو. ٻارن کي ٿي پوندڙ بِي انفيڪشن ورلي اَپينڊيسائِيٽس (appendicitis) جي ڏک ڏئي ٿو ۽ انھن جو رييس سنڊروم (Reye’s syndrome) سان لاڳاپو ڏٺو وڃي ٿو. پيرسن ۽ جيڪي فرد ڦڦڙن يا دل جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿين ٿا تن ۾ انفلوئينزا، بئڪٽيريا جو ڪو روڳ جھڙوڪ: برانڪائيٽس (bronchitis) يا نمونيا پيدا ڪري سگهي ٿي. اَينلجيسڪ (analgesic) دوائن ڏيڻ سان پيڙا ۽ سور ختم ۽ بخار گهٽجي وڃي ٿو. ڪن حالتن ۾ اَسيلٽاميوير (oseltamivir)، زاناميوير (zanamivir) ۽ اَمانٽاڊين (amantadine) بچاءَ يا انفلوئينزا جي علاج لاءِ استعمال ڪري سگهجن ٿيون. اينٽِيبياٽڪ (antibiotics) دوائن رستي سيڪنڊري بيڪٽيريل انفيڪشن کان بچاءُ ڪري سگهجي ٿو. فلوءَ جي ويڪسينن ۾ اَي ۽ بيءَ جا مردار وائرس موجود ٿين ٿا پر اھي به رڳو 60 ـ 70 سيڪڙو ڪامياب ٿين ٿيون. فلوءَ جي ويڪسينن ۾ ھر سال تبديلي آندي وڃي ٿي ته جيئن اھي موجوده وائرسن جي قسمن لاءِ اثرائتيون ٿي سگهن. ويڪسين جي مدافعت مختصر عرصي لاءِ ٿئي ٿي تنھنڪري اھي ھر سال ھڻائڻيون پون ٿيون. انفلوئينزا جي ويڪسين انھن فردن کي ھڻائڻ جي صلاح ڏجي ٿي جيڪي 65 سالن کان وڏيءَ عمر جا، حامله عورتون، ساه سرشتي جي پراڻيءَ بيماريءَ، دل جي پراڻي بيماريءَ، بڪيءَ جي پراڻي بيماريءَ، جيري جي پراڻي بيماريءَ، اِميونوسَپريشن (immunosuppression، ڪنھن بيماريءَ يا دوائن سبب ٿي پيل) يا ڊائبِيٽيز ميلائيٽس (diabetes mellitus) ۾ مبتلا ھجن ٿا. انھن فردن کي به ويڪسينيشن ڪرائڻ جي صلاح ڏجي ٿي جيڪي گهرن ۾ ڊگهي عرصي تائين پرگهور ھيٺ رھن ٿا ۽ اھي صحت ورڪر جن جو حساس ماڻھن سان واسطو پوي ٿو. انساني انفلوئينزا ويڪسين ايوِين انفلوئينزا (avian influenza) لاءِ اثرائتيون نٿيون ٿين، جڏھن ته سُوائين فلوءَ (swine flu) کان بچاءُ ڪري سگهن ٿيون ۽ تڏھن موسمي فلوءَ جي پروگرامن ۾ شامل ڪجن ٿيون جڏھن سوائين فلو گردش ۾ ھجي ٿو.
اشوڀا
ث. [سن. اَ = نه + شوڀا = سونهن] ڪوجهائي ، بدصورتي ، قباحت.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal