
غير زرخيريت
غير زرخيري- بنجرپڻو- سنڍپڻو
نسڦلتا
نِسڦلتا ( نِڦلتا، نِهڦلتا، بي ڦليائي، اڻ ڦليائي)
Infertility
اِن.فر.ٽي.لِ.ٽي
ٻانڊائپ، سنڍائپ، بي اولادي. ٻارن پيدا ڪرڻ جي لائق نه ھجڻ جنھن جو ڪارڻ مرد يا عورت جي پيدائشي سرشتي ۾ ڪو نقص يا مسئلو يا ڪيترين حالتن ۾ ٻنھي جو ڪو گڏيل مسئلو ٿي سگهي ٿو. مردن جي ٻانڊ (اويجهه) ھجڻ جو مکيو سبب صحتمند تخمي جيون (sperm) جو نه ھجڻ ٿي سگهي ٿو. اَزُواِسپيرميا (azoospermia) جي حالت ۾ انزال ۾ تخمي جيو موجود نٿا ھجن ته اولِيگواِِسپرميا (oligospermia) ۾ انزال ۾ تخمي جيون جو انگ غيرمعمولي طور تي گهٽ ھجي ٿو. ڪن حالتن ۾ تخميو جيو پيدا ته ٿين ٿا پر ناقص يا گهٽ رسيل ھجن ٿا. انھن مسئلن جو اصل ڪارڻ يا ته اسپرميٽڪ نلين جو ٻنجيل ھجڻ يا عام طور تي اسپرميٽڪ ڊڪٽن جو جنسي وچڙندڙ بيماريءَ (sexually transmitted infection) سبب تباه ٿي وڃڻ ٿئي ٿو. اينڊوڪرين جي نقصن سبب خصين جي غيرمعمولي اوسر (ڏسو، hypogonadism) يا اورڪائيٽِس (orchitis) ڪري خصيا ناقص تخمي جيو پيدا ڪن ٿا. تماڪ ڇڪڻ، زھريلا مادا يا ڪيترين قسمن جو دوائون به تخمي جيون جو انگ گهٽائي سگهن ٿيون. ٻيا نقص اھي ڪارڻ ٿين ٿا جيڪي انزال کي متاثر ڪندڙ ٿين ٿا (ڏسو، ejaculation, disorder of) ٿا. ورلي، مردن جي اَويجهه، ڪروموسومن جي غيرمعموليت جھڙوڪ: ڪِلينِيفيلٽرسِ سنڊروم(Klinefelter’s syndrome) يا ڪنھن موروثي بيماريءَ جھڙوڪ: سِسٽڪ فائبروسِس (cystic fibrosis) سبب پيدا ٿئي ٿي. عورتن ۾ اَويجهائپ جو ھڪ گهڻو عام ڪارڻ آنجڻ (ovulate) جو عمل ٿي نه سگهڻ ٿئي ٿو. ٻيا ڪارڻ فيلوپين نلين (fallopian tubes) جو بند ھجڻ، ناقص ھجڻ يا نه ھجڻ، ڳڀيرڻ جا نقص جھڙوڪ: فائبُروائڊن (fibroids) ۽ اينڊوميٽِريوسس (endometroisis)، نرجڻ (fertilization) يا ڳڀيرڻ سان پيوند ٿي نه سگهڻ (ڏسو، implantation, egg) ٿين ٿا. اَويجهائپ تڏھن به پيدا ٿي پوي ٿي جڏھن ڪنھن عورت جي ڳھڻ جو لعاب اھڙيون اينٽِيباڊيون پيدا ڪري ٿو جيڪي سندس ساٿيءَ جي تخمي جيون کي ماري يا اَچل ڪري ڇڏين ٿيون. ورلي، ڪنھن ڪروموسوم جي غيرمعموليت جھڙوڪ: ٽرنرسِ سنڊروم (Turner’s syndrome) به ڪنھن عورت جي اَويجهائپ جو ھڪ ڪارڻ ٿي سگهي ٿو. ڪنھن عورت جي اَويجهائپ جي ڪارڻ لهڻ لاءِ سندس رت ۽ پيشاب تپاسي سگهجي ٿو ته جيئن پڪ ڪري سگهجي ته آنجڻ جو عمل ٿي رھيو آھي ۽ لئپئرواسڪوپيءَ (laparoscopy) رستي ڏسي سگهجي ٿو ته ڪا غيرمعموليت ته موجود ناھي. جڏھن ته مردن جي حالت ۾ انھن جي شروعاتي چڪاس لاءِ سيمائينل فُلوئڊ (seminal fluid) جي جاچ ڪري سگهجي ٿي. مردن جي اَويجهائپ جي علاج جا ڪيترائي ممڪن طريقا ٿين ٿا جن جو مدار ان جي اصل ڪارڻ تي ٿئي ٿو. اَزُواسپرميا جي حالت ۾ جڏھن ان جو ڪارڻ اسپرميٽڪ نلين جو ٻنجيل ھجڻ يا اسپرميٽڪ ڊڪٽ جو نقص ھجي تڏھن ممڪن ٿئي ٿو ته تخمي جيو سڌو سنئون خصين يا اِپيڊيڊائمِس مان حاصل ڪري آرٽيفيشل انسيمِينيشن (artificial insemination) لاءِ استعمال ڪري سگهجن (جنھن کي انِٽرايوٽيرائين انسيمِينيشن intrauterine insemination به سڏجي ٿو) يا اِنوِٽرو فرٽيلائيزيشن (in vitro fertilization/IVF) سان گڏ اِنٽراسائٽوپلازمڪ اسپرم ان جي ڪشن (intracytoplasmic sperm injection/ICSI) جو طريقو استعمال ڪري سگهجي. مردن جي ڪن قسمن جي اَويجهائپ، جڏھن ڪنھن ھارمون جي غيرمتوازن ھجڻ سبب پيدا ٿيندڙ ھجي تڏھن ڪن دوائن جھڙوڪ: ڪلوميفيني (clomifene) يا گوناڊوٽرافن (gonadotrophin) ھارمون رستي علاج ڪارائتو ٿي سگهي ٿو. جيڪڏھن خصين مان بنھه تخمي جيو پيدا ٿي نه سگهندا ھجن تڏھن ان جو رڳو حل يا ته ٻار گود وٺڻ يا ڪنھن کان تخمي جيو وٺي آرٽِيفيشل انسيمِينيشن (artificial insemination)ڪرائڻ ٿئي ٿي. ڪنھن عورت ۾ آنجڻ جي عمل نه ٿيڻ جي حالت ۾ ڪن دوائن جھڙوڪ: ڪلوميفين يا ان سان گڏ يا رڳو گوناڊوٽرافن ھارمون ڏيڻ سان آنيدانين کي متحرڪ ڪري سگهجي ٿو. ورلي، مائڪروسرجريءَ (microsurgery) رستي فيلوپين نلين کي درست ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏھن آپريشن سان ڪاميابي ٿي نه سگهي ته پوءِ ان جو رڳو حل اِن وٽرو فرٽِيلائيزيشن (in vitro fertilization) ٿئي ٿو. ڳڀيرڻ جون غيرمعمولي حالتون يا نقص جھڙوڪ: فائروائڊن لاءِ علاج ڪري سگهجي ٿو. ڪن حالتن ۾ جڏھن عورت جون فيلوپين نليون عام رواجي ھجن تڏھن گيميٽ اِنٽرافيلوپين ٽرانسفر (gamete intrafallopian transfer/GIFT) يا زائگوٽ انٽرافيلوپين ٽرانسفر (zygote intrafallopian transfer/ZIFT) طريقا استعمال ڪري سگهجن ٿا.
ڦينڪڻ
مصدر. اُڇلائڻ ، ڪيرائڻ ، ڦٽو ڪرڻ ، ڇڏڻ ، هيٺ ڪيرائڻ. هارڻ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal