SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


fibrillation

(click word to listen sound
  • 🔊
  • fibrillation
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

fibrillation

اَ.ٽري.ئل ـ فا.ئبر.لي.شن

دل جي ڌڙڪڻ جي غيرمعموليت (ڏسو، arrhythmia cardiac) جنھن ۾ دل جا ايٽريا (ڏسو، atria) بي قاعدگيءَ ۽ تيزيءَ سان ڌڙڪن ٿا. وينٽريڪل (ventrical، ھيٺيان خانا) به بي قاعدگيءَ سان ڌڙڪن ٿا جنھن جي نتيجي ۾ دل جي رت ڌڪڻ جي قابليت گهٽجي وڃي ٿي. اٽريل فائبرليشن جھڙوڪر دل جي ڪنھن به پراڻي بيماريءَ سبب پيدا ٿي سگهي ٿي، جڏھن ته عام طور تي ھرٽ ـ وال (heart-valve) يا ڪورونري آرٽري ڊزيز (coronary artery disease) سان لاڳاپيل ٿئي ٿي.


Fibrillation

فِاءِ.برل.لي.شن

ڪنھن به مقامي ھنڌ جي انفرادي مشڪي تاندوري جي پنھنجي پاڻ ۽ تڪڙي ڪوءَ. فيسيڪيوليشن (fasciculation) جي اٻتڙ، فِبريليشن چمڙيءَ مان ڏسي نٿي سگهجي. ھڏائين مشڪن ۾، فِبريليشن اي ايم جيءَ (EMG) رستي جاچي سگهجي ٿي. دل جي حالت ۾ اھا اِي سي جِيءَ (ECG) رستي ڏسجي ٿي. عام طور تي فِبريليشن تڏھن پيدا ٿئي ٿي جڏھن مشڪ کي مھيا ٿيندڙ ڪا تنت تباه ٿي وڃي ٿي، جنھن سبب متاثر تنت ڪمزور ٿي ڳري وڃي ٿي. دل جي مشڪ جي فِبريليشن جي پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ تنت جي اُڇلن (impulses) جي ڦھلاءَ ۾ خلل، دل جن ڪنھن خاني (chamber) جي مشڪ جي ڀت سبب پيدا ٿئي ٿو.


.


Other Phrases of fibrillation used in Daily life:

Remember Me Also:

ماٺو مينهن

ماٺو مِينهُن

ذ . چپ چُپات وارو مِينهن. بنا گوڙ گهمسان جي مِينهن ، گُنگو مِينهن.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal