
آرٿرائيٽس
سنڌن جي سوڄ، جوڙائين ٿوٿر، جوڙن جو درد
هڏن جي وائيءَ سور جي بيماري
سنڌ سڪائي
سنڌ سُڪائي
Arthritis
آر.ٿ.راءِ.ٽس
ڪنھن ھڪ يا وڌيڪ سنڌن جي سوزش، سور ۽ سختي. آرٿرائيٽس جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا. وڌ ۾ وڌ عام قسم آسٽيئوآرٿرائيٽس (osteoartheritis) ٿئي ٿو جنھن ۾ گهڻو ڪري گوڏا، دڏ ۽ ھٿ ۽ اھي به عام طور تي وچولي عمر جي فردن ۽ پيرسنن جا متاثر ٿي پون ٿا. سروائيڪل آسٽيئوآرٿرائيٽس (cervical osteoartheritis) ۾ ڳچيءَ جا سنڌ متاثر ٿي پون ٿا. ريوميٽوائڊ آرٿرائيٽس (osteoarthritis rheumatoid) نقصانڪار حالت ٿئي ٿي جيڪا سنڌن سان گڏ جسم جي ٻين ٽشوئن جھڙوڪ: دل جي جهليدار پوش، رت نلين، ڦڦڙن ۽ اکين لاءِ ھاڃيڪار ٿئي ٿي. ان بيماريءَ جا ٻارن تي مختلف اثر پيدا ٿين ٿا (ڏسو، juvenile chronic arthritis). اينڪائيلوزنگ اسپونڊيلائيٽس (ankylosing spondylitis) به ھڪ قسم جو دائمي رھندڙ آرٿرائيٽس جو قسم ٿئي ٿو جيڪو شروعات ۾ ڪرنگهي ۽ ڪرنگهي جي بنياد ۾ وچوارن سنڌن ۽ ڍونگري متاثر ڪري ٿو. ٻيا ٽشو جھڙوڪ: اکين جا به متاثر ٿي سگهن ٿا. آخرڪار، ھن بيماريءَ سبب ڪرنگهي جون ريڙھون (vertebrae) پاڻ ۾ ملي وڃن ٿيون. ريئڪٽو آرٿرائيٽس (reactive arthritis) خاص طور تي انھن حساس فردن ۾ ٿي پوي ٿي جيڪي گهڻو عام آنڊن جي روڳ جا متاثر ٿيندڙ ٿين ٿا. گائوٽ (gout) ۽ سوڊوگائوٽ (pseudogout) آرٿرائيٽس جا اھڙا قسم ٿين ٿا جن ۾ سنڌن ۾ معدني قلمَ (crystals) ذخيرو ٿي سوڄ ۽ سور پيدا ڪري سگهن ٿا. سيپٽڪ آرٿرائيٽس (septik arthritis) نسبتاً ورلي ٿيندڙ بيماري تڏھن پيدا ٿئي ٿي جڏھن روڳ ڪنھن سنڌ ۾ ڪنھن زخم يا رت جي دوري رستي داخل ٿيڻ شروع ٿئي ٿو.
نٺرائي
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal