
يئلو فيور
پيلو بخار، يرقان، تپ
يرقان- هڪ قسم جو تپ
Yellow Fever
ييلو ـ فيور
اَرتو، پيلو بخار، مڇرن رستي پکڙجندڙ ھڪ وچڙندڙ، مختصر مدي واري پر مختلف شدت واري وائرسي بيماري. شديد حالتن ۾ يرقان (jaundice) سبب چمڙي پيلي ٿي وڃي ٿي جنھن سبب پيلو بخار سڏجي ٿو. ھيءَ بيماري ٻيلائي علائقن مان باندرن مان انسانن ۾ مڇرن جي مختلف قسمن رستي پکڙجي ٿي ته شھري علائقن ۾ انسانن ۾ ايڊيز ايجپٽيءَ (Aedes aegypti) مڇر رستي ڦھلجي ٿي. ھاڻ ييلو فيور رڳو وسطي اميريڪا، ڏکڻ اميريڪا جي ڪن حصن ۽ آفريڪا جي ھڪ وڏي علائقي ۾ ٿئي ٿو. آباديءَ وارن علائقن مان ھن بيماري پکيڙيندڙ مڇر جي خاتمي سبب بيماري گهڻيءَ حد تائين گهٽجي ويئي آھي. ييلي فيور سبب اوچتو بخار ۽ مٿي جو سور ٿي پوي ٿو ته عام طور تي اوڪارا ۽ الٽي به ٿئي ٿي، تيز بخار ھوندي به دل جي ڌڙڪن گهڻي گهٽ ھجي ٿي. گهڻين سنگين حالتن ۾ تيز بخار ۽ شديد مٿي جو سور، ڳچيءَ، پٺيءَ ۽ ٽنگن ۾ سور ٿئي ٿو. جيري ۽ تريءَ کي تيزي سان ڇيھو پھچي يرقان ٿي پوي ٿو ۽ بڪيون فيل ٿي سگهن ٿيون. ان کانپوءِ ميننجائيٽِس (meningitis) ٿي سگهي ٿي، واتھير/ وات مان رت اچڻ، نڪھير يا معديھير/ معدي مان رت اچڻ ٿي سگهي ٿي (جنھن سبب الٽيءَ ۾ يا ڪرفتيءَ ۾ رت اچي سگهي ٿي)، شديد بيچيني/ ولوڙ ۽ آخر ۾ ڪوما ۽ موت جو سبب بڻجي سگهي ٿي. ويڪسينيشن ڪرائڻ سان ھن بيماريءَ کان ھڪ ڊگهي وقت تائين بچاءُ/ مدافعت (immunity) پيدا ٿئي ٿي تنھنڪري متاثر ھنڌن ڏانھن سفر ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪرائڻ گهرجي. ويڪسين جي ھڪڙي انجيڪشن گهٽ ۾ گهٽ 10 سالن تائين بچاءُ ڪري ٿي، ان جا ورلي ڪي سنگين اگرا اثر پيدا ٿين ٿا. 6 مھينن کان گهٽ عمر جي ٻالڪن کي ويڪسين نه ڪرائڻ گهرجي. عام طور تي 6 کان 9 مھينن جي ٻارن کي تيستائين ويڪسين نٿي ڪجي جيستائين انفيڪشن ٿيڻ جو خطرو نه ھجي. حامله عورتن کي به تيستائين ويڪسين نٿي ڪجي جيستائين کين بيماريءَ ٿيڻ جو خطرو نٿو ھجي. ييلو فيور جي وبا دوران ان جي تشخيص ڪرڻ سولي ٿئي ٿي، جنھن لاءِ يا ته رت جي تپاس رستي وائرس الڳ ڪجي ٿو يا وائرس جون اينٽيباڊيون (antibodies) چڪاسجن ٿيون. ييلو فيور جي وائرس لاءِ ڪا به دوا موثر نٿي ٿئي علاج لاءِ رڳو رت جو مقدار برقرار رکجي ٿو، عام طور تي پاڻيٺون ھڻڻ ضروري ٿي پون ٿيون. ھلڪي کان وچٿري بيماريءَ جو شڪار ڪيترا مريض 3 ڏينھن ۾ نوبنا ٿي وڃن ٿا، ان جو ن تمام گهٽ پيچيدگيون پيدا ٿين ٿيون. بيماري اٿلي نٿي پوي، ھڪ ڀيري جي بيماري ٿيڻ کانپوءِ سڄيءَ عمر لاءِ اِميونٽي/ مدافعت پيدا ٿي وڃي ٿي. جڏھن ته علاج باوجود بيماري ڪن حالتن ۾ موتمار ٿئي ٿي.
Related words with: Yellow fever
ٿيڙ
ذ. ٽَپُ. ٿاٻو ، آڌيڙو. ڌِڪو. لوڏو. ڪُوڙو آسرو ، ٽارڻ ، دلاسو ڏيڻ. کجيءَ جي پاڙ کان ڪجهه مٿڀرو نڪتل ٻچو ت.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal