SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Xenopholia

(click word to listen sound
  • 🔊
  • xenopholia
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Xenopholia

زينوفوبيا

ڌارين کان ڊپُ

انفرادي توڙي اجتماعي طرح مُلڪ ۾ موجود پرڏيهين لاءِ جنم وٺندڙ خوف، نفرت، بي- ويساهي ۽ اسهپ وارين نفسياتي ڪيفيتن تي بيٺل سوچ، جنهن ۾ نسلي ۽ قومي انتهاپسنديءَ جي بُنيادن تي پرڏيهين کان نفرت ڪئي ويندي آهي. انهن ڪيفيتن تحت مخصوص سببن ڪري، ڪنهن به خاص نسل، قوم يا کنڊ سان سُڃاڻپ جي بنياد تي جُدا حيثيت برقرار رکي ويندي آهي. ويهين صديءَ کان اڳ جاپان۽ چين جو يورپي قومن طرف رويو يا بعد ۾ هٽلر جي يهودين کان نفرت جي پاليسي هن رويي جوعملي اظهار آهن. جنگي صورتحال ۾ مُختلف حڪومتون هن جذبي کي اُڀاري عوام کي جنگي عمل ۾ شامل ڪرڻ گهرنديون آهن. 1984ع ۾ گڏيل قومن جي طرفان سئٽزرلينڊ جي راڄڌاني جنيوا ۾ ڪوٺايل گول ميز ڪانفرنس ذريعي دُنيا کي ٻڌايو ويو ته وقت گذرڻ سان قومن جي هڪٻئي کان دوري، وڌي رهي آهي ۽ ان ويڇي ۾ خاص طور اُسريل صنعتي مُلڪن جو وڏو هٿ آهي. جتان جي عوام ۾ ڌارين ۽ پرڏيهين لاءِ ثقافتي ۽ سياسي بُنيادن تي نفرت جوڳي رويي ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي. خاص طور ”مهمان پورهيتن“ جي صورت ۾ انهن مُلڪن ۾ رهندڙ ڏيڍ ڪروڙ کان مٿي پرڏيهين ڏانهن کين نوڪري ڏيندڙ مالڪن ۽ تنظيمن جي روش ظالماڻي ٿي چڪي آهي ۽ سندن جائز حق به ڦٻايا پيا وڃن. عالمي سياست ۾ ’جوزف اسٽالن‘ ۽ ’ايڊالف هٽلر‘ کي خبط جي حد تائين هن مرض جو شڪار ٿيل اڳواڻن طور ڳڻيو وڃي ٿو. ان کانسواءِ يوگنڊا جي صدر ’عيدي امين‘ طرفان 50 هزار يوگنڊائي ايشيائي شهرين کي مُلڪ مان تڙڻ واري عمل کي پڻ ان بيماريءَ جو اهڃاڻ سمجهيو وڃي ٿو. اِن بيماريءَ جو دنگ نسل ڪشي ۽ قتلام تي به ٿي سگهي ٿو


Remember Me Also:

پاشي

ث. ڇڻڪار ، ٻُرڪ ، هِيءُ لفظ. عموما مرڪب لفظن جي پڇاڙي ۾ ڪم اچي ٿو. ”نمڪ پاشي. آب پاشي وغيره“.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal