
X rays
ايڪس.ريز
ھڪ قسم جو ننڍيءَ لهر ۽ وڏيءَ توانائيءَ وارو برقناطيسي (electromagnetic) شعاع/ ڪرڻو. ايڪس ڪرڻا بيمارين جي تشخيص ۽ علاج لاءِ عام استعمال ٿين ٿا.ايڪسري، ھڪ ڳوري ڌاتوءَ ٽنگسٽن (tungsten) کي ايڪسري ٽيوب ۾ اليڪٽرانن سان بمباري ڪري پيدا ڪجن ٿا. منجهانئن ننڍي وزن ۾ پيدا ٿيندڙ ايڪسري جسم مان گذرڻ سان ھڪ مخصوص ايڪسري ڊٽيڪٽر پليٽ يا فلم يا فلوريسينٽ اسڪرين تي ان جا عڪس پيدا ڪن ٿا. ايڪسري عڪس کي ريڊيوگراف (radiograph) يا رينٽگينوگرام (roentgenogram) به سڏجي تپاسجندڙ حصي جي اندرين بناوت/ جوڙجڪ ظاھر ڪن ٿا. نھري بناوت جھڙوڪ: ھڏا نه رڳو ايڪسري سٺيءَ طرح سان جذب ڪن ٿا ته ايڪسري پليٽ تي اڇا ٿي ظاھر ٿي پون ٿا. نرم بناوت جھڙوڪ: مشڪ گهٽ ايڪسري جذب ڪري ٿي ۽ خاڪي صورت ۾ ظاھر ٿي پوي ٿي. جيئن ته ايڪسري، جاندار خاص طور تي تيزيءَ سان واڌ ڪندڙ سيل تباه ڪري سگهن ٿا ان سبب ڪينسر جي علاج لاءِ استعمال ڪجن ٿا (ڏسو، radiotherapy). جسم جا ڍانڍا ۽ پاڻيٺ ڀريل حصا ايڪسري ۾ تيستائين چٽا ڏسڻ ۾ نٿا اچن جيستائين اڳـ۾ منجهن ڪو متضاد (contrast) مادو نه اماڻجي. ايڪسري جي ڪنٽراسٽ طريقي سان پتي (ڏسو، cholecystography)، پتي نلين (ڏسو، cholangiography)، پيشاب لنگهه (ڏسو، urography)، معدي (ڏسو، barium X-ray examinations)، رت نلين (ڏسو، angiography; venography) ۽ مغزي ڏوري (ڏسو، myelography) جا ايڪسري ڪڍجن ٿا. ٽوموگرافيءَ (tomography) طريقي سان ڪنھن عضوي يا ان جي ڪنھن حصي/ ڳتريءَ جو ايڪسري ڪڍي سگهجي ٿو جڏھن ته ٽوموگرافي ۽ ڪمپيوٽر گڏي تفصيلي عڪس حاصل ڪري سگهجن ٿا (ڏسو، CT scanning). ايڪسري جا وڏا وزن انتھائي خطرناڪ ٿين ٿا ته ننڍا به ڪي خطرا پيدا ڪري سگهن ٿا (ڏسو، radiation hazards). ايڪسري جون جديد مشينون ۽ اوزار اعليٰ معيار جو عڪس پيدا ڪن ٿا ۽ مريض لاءِ ايڪسري شعاعن ۾ وائکي ٿيڻ جا گهٽ ۾ گهٽ موقعا پيدا ڪن ٿا. ڪنھن مريض جي جنمي عضون کي ايڪسري سبب پھچندڙ جنياتي ڇيھي کي وڌ ۾ وڌ گهٽائڻ لاءِ ليڊ شيلڊ (lead shield) استعمال ڪري سگهجي ٿي. ريڊيوگرافر ۽ ريڊيولاجسٽ پاڻکي شعاعن ۾ وائکي ٿيڻ تي نظر رکڻ لاءِ فلم بيج (film badge) استعمال ڪن ٿا (وڌيڪ ڏسو، imaging techniques; radiography; radiology).
چڪو، چڪون
ذ. ميوي جو هڪ قسم.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal