SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Wrist-drop

(click word to listen sound
  • 🔊
  • rist
  • drɔp
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Wrist-drop

رِسٽ ـ ڊراپ

ڪرائي سڌي ڪري سگهڻ جي لائق نه ھجڻ سبب ھٿ جي پٺ، بڪ (forearm) سان سڌ ۾ ڪري نه سگهڻ، جنھنڪري ھٿ جي پڪڙ ڪمزور ھجي ٿي. ڇو ته ھٿ جون مشڪون تڏھن ئي قابليت سان ڪم ڪري سگهن ٿيون جڏھن تري سڌي جهلي سگهجي ٿي. رسٽ ڊراپ پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ ريڊيئل تنت (radial nerve) کي نقصان پھچڻ ٿئي ٿو جيڪو ڪڇ ۾ ھڪ ڊگهي عرصي تائين دٻاءَ لڳائڻ (ڏسو، crutch palsy) يا ڏوراٺيءَ (ڏسو، humerus, fracture of) جو ڀڄي پوڻ ٿي پوي ٿو. علاج لاءِ تريءَ کي سڌو جهلڻ ٿئي ٿو جنھن لاءِ چپڙيون استعمال ڪري سگهجن ٿيون پر جي رڊيئل تنت کي دائمي ڇيھو پھتل ھجي ته انلاءِ تريءَ جو عام علاج آرٿروڊيسس (arthrodesis، ڪنھن به سنڌ جا ٻه يا وڌيڪ ھڏا جوڙي ھڪ وڏو ھڏو جوڙڻ) ٿئي ٿو ته جيئن تريءَ جي ھڏن کي سڌو رکي سگهجي.


Remember Me Also:

ملو نڪرڻ

مَلو نِڪرڻُ

ڦرڙيو نڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal