SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Wrist

click word to listen sound (Source: google)
  • 🔊
  • rist

From the English to Sindhi Dictionary:

Wrist

ڪارائي، ڪارائيءَ جو ڪم، ڪارائيءَ جي لچڪ


From the Medical Dictionary:

Wrist

ڪرائي

ڪَرائي


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Wrist

رسٽ

ڪرائي، ھٿ ۽ ٻانھن جو وچوارو سنڌ جيڪو ھٿ کي اڳتي پوئتي ۽ ھڪ پاسي کان ٻئي پاسي ڏانھن ڦرڻ گهرڻ ڏئي ٿو. ڪرائي ۾ 8 ھڏا (ڪارپس carpus سڏجن) ٻن قطارن ۾ ٿين ٿا جن مان ھڪ بُڪُ (forearm) جي ھڏن سان ۽ ٻي تِريءَ جي ھڏن سان جوٽيل ٿئي ٿي. ٻنڌيون بُڪ جي مشڪن کي آڱرين ۽ آڱوٺي سان ملائين ٿيون ته شريانون ۽ تنتون مشڪن، ھڏن ۽ چمڙيءَ کي رسد مھيا ڪن ٿيون. ڪرائيءَ جي ضربن سبب سنگين معذوري پيدا ٿي ھٿ جي چرپر محدود ڪري ڇڏين ٿيون. وڏڙن جي ھٿن جي عام ضربن ۾ ڪُولِيس فريڪچر (Colles’ fracture) ٿئي ٿو جنھن ۾ ريڊيس جو ھيٺيو ڇيڙو ٽٽي پوي ٿو ۽ تري ۽ ھٿ پوئتي ٿڙي وڃن ٿا. ننڍن ٻارن ۾ به ھڏي جي ڀڳ سبب ساڳي قسم جي ضرب پھچي ٿي پر ان ۾ ريڊيس جو واڌ ڪندڙ ڇيڙو (epiphysis) ٽٽي پوي ٿو. ڪنھن به موچ (sprain) سبب ڪرائيءَ جي سنڌ واريون ٻنڌيون متاثر ٿي پون ٿيون پر موچ سبب ٽٽي نٿيون سگهن (وڌيڪ ڏسو، (carpal tunnel syndrome; wristdrop; tenosynovitis; osteoarthritis


Related words with: Wrist


.


Other Phrases of Wrist used in Daily life:

.


Wrist is also used in:

Remember Me Also:

آنڊا گجيون

ث. آنڊا گُونَڊا ، پيٽ جا اندريان عضوا. ويجها عزيز ، مٽ مائٽ. اندر جا راز ، ڳجهه.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal