
Worm infestation
وَرم ـ ان.في.سٽي.شن
ڪيترن قسمن جا ڪينئان يا انھن جا ٻچا پئراسائيٽن جي صورت ۾ انسانن سان گڏ انھن جي آنڊن، رت، لمفي سرشتي، پت نلين يا ٻين عضون جھڙوڪ: جيري ۾ رھن ٿا. ڪيترين حالتن ۾ اھي مڙيوئي يا نه جھڙيون تڪليفون پيدا ڪن ٿا ته ڪي گنڀير بيماريون پيدا ڪري وجهن ٿا. اھڙن پئراسائيٽن جا ٻه قسم/ ڪلاس ٿين ٿا: 1. رائونڊورم (roundwormw، گول ڪينئان) ۽ 2. پليٽِيھيلمنٿس (platyhelminths، چپٿرا ڪينئان) جن جي وڌيڪ سسٽوڊن (tapeworms/cestodes) ۽ ٽريموٽدن (trematodes/flukes) ۾ ورھاست ڪجي ٿي. اسرندڙ دنيا جي ملڪن ۾ ڪينئن جي ٿيندڙ بيمارين ۾ ٿريڊورم (threadworm)، ايسڪيرياسس (ascariasis)، ٽوڪسو ڪيرياسس (toxocariasis)، ريج/ لِورفلوڪ (liver-fluke) ۽ ڪيترن قسمن جي ٽيپ ورمن جون بيماريون ٿين ٿيون. استوائي ملڪن ۾ ٿيندڙن ۾ ھُڪ ورم (hookworm)، فِليرياسس (filariasis)، وارو/ گِني ورم (Guinea worm) ۽ شِسٽوسومياسِس (schistosomiasis) ته وِپورم سڄيءَ دنيا ۾ ۽ گهڻو عام استوائي ملڪن ۾ ٿئي ٿو. ڪينئن جون بيماريون ڪيترن طريقن سان پکڙجي سگهن ٿيون جھڙوڪ: کاڌو اڻپورو رڌڻ، بيمار گوشت کائڻ، اھڙيءَ مٽيءَ يا پاڻيءَ سان لاڳاپي ۾ اچڻ جيڪو ڪينئن جي ٻچن سبب غليظ ٿيل ھجي يا اتفاق سان ڪينئن جا آنا کائي وڃڻ جيڪي متاثر ڪرفتيءَ رستي پھتا ھجن. ڪينئن جي ڪيترين بيمارين کي اينٿِيلمنٽڪ دوائن رستي سولائيءَ سان ختم ڪري سگهجي ٿو.
ساڙهه
ث. خريف جي آبادي خصوصا جوئر ۽ ٻاجهر جي فصل راهڻ وقت ڄانڀي يا سرهه لاءِ ڏنل هر جي اوڙ اهي اوڙون سڀ پور و ڇوٽ نه هونديون آهن.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal