SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


World Trade Organization WTO

(click word to listen sound
  • 🔊
  • wəːld
  • træd
  • ɔːgənaizeiʃən
  • wto
  • )

From the Dictionary of International Relations:

World Trade Organization WTO

ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن

عالمي واپار جي تنظيم

پهرين جنوري 1995ع تي ’ماسترخت جي مُعاهدي‘ هيٺ هن تنظيم جو بنياد وڌو ويو. تنظيم جو مقصد آزاد عالمي واپاري نظام جي سار لهندي، اُن کي سڄي دُنيا ۾ آزاديءَ سان چُر پُر ڏيارڻ، واپاري مُذاڪرات ۽ معاهدن کي قانون مُوجب ترتيب ڏيارڻ، واپاري تڪران کي حل ڪرائڻ، عالمي واپار جي انتظام کي سگهارو بڻائي دُنيا ۾ عالمي اقتصادي ايڪو قائم ڪرڻ آهي. ان کان علاوه دُنيا جي مُختلف ملڪن ۾ واپاري معاهدن ۽ ڪاروهنوار کي بهتر بنائڻ ۾ هن اداري جو وڏو هٿ آهي. هن تنظيم جو وجود جڳ مشهور يوراگوئي مذاڪرات (1986-1994ع) کانپوءِ عمل ۾ آيو ۽ ان کي GATT (1948ع) جي متبادل طور سمجهيو ويندو آهي. دنيا جي 97 سيڪڙو آباديءَ تي ٻڌل هن تنظيم جا 153 ملڪ ميمبر ۽ 31 ملڪ مبصر آهن ۽ سندس مرڪز سئٽزرلينڊ جي راڄڌانيءَ جينيوا ۾ آهي


Remember Me Also:

بلغار

ث. [ف. ترڪي] آواز. پرواهه ، چَخي ”بُلغار ئي ڪانه ڪيائين = پرواهه ئي ڪانه ڪيائين“ جملو. گُل ڦل ، ساوڪ ، سبزي ”جيئن هت انب آما آمڙيون، ٻيا باغ چڱا بلغار“ ڪبير شاهه. خوشبودار چمڙو، رُوسي چمڙو. رٻڙ جي نليءَ وانگر چمڙي جو ڊگهونڙ چلم يا حقي جو. [اسم خاص[

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal