
Withdrawl syndrome
وٿ.ڊرا.ل ـ سِن.ڊروم
پيدا ٿيندڙ اڻ وڻندڙ ذھني ۽ جسماني تڪليفون تڏھن محسوس ڪجن ٿيون جڏھن ڪو فرد ڪنھن اھڙي نشي پتي لاءِ استعمال ٿيندڙ وکر استعمال ڪرڻ کان پاسيرو رھي ٿو جنھن جو ھو عادي ھجي ٿو (ڏسو، drug dependence). عام طور تي گهڻا وٿڊرال سندروم انھن تي پيدا ٿين ٿا جيڪي الڪوحل جا عادي، آفيم جا علتي، تماڪ جا ھيراڪ يا ٽرنڪيولازرن (tranquillizers)، ايمفيٽامينس (amphetamines)، ڪوڪين (cocaine)، گانجي (marijuana) ۽ ڪيفين (caffeine) جا عادي ٿي پون ٿا. الڪوحل ڇڏڻ جي 6 کان 8 ڪلاڪن کانپوءِ 7 ڏينھن تائين ان جا وٿڊرال سنڊروم ھلي سگهن ٿا جن ۾ ھٿن جي ڏڪڻي، اوڪارا، الٽي، پگهرجڻ، ڳڍڙيون پريشاني ۽ ورلي جهٽڪا پئجي سگهن ٿا (وڌيڪ ڏسو، confusion, delirium tremens, and hallucinations ). آفيم ڇڏڻ جي 8 کان 12 ڪلاڪن کانپوءِ ان جا وٿڊرال سنڊروم شروع ٿي 7 کان 10 ڏينھن تائين ھلي سگهن ٿا، جنھن جي تڪليفن ۾ بي چيني، پگهرجڻ، اکين ۽ نڪ جو وھڻ، اوٻاسيون، دست، الٽي، پيٽ جا وٽ، اکين جي پتلين جو موڪرو ٿي وڃڻ، بک مري وڃڻ، توائي، ڪمزوري، ڏڪڻي ۽ ڊپريشن ٿين ٿا. باربيچوريٽ (barbiturate) ۽ ميپروبيميٽ (meprobamate) دوائن ڇڏڻ جا اگرا اثر 12 کان 24 ڪلاڪن کانپوءِ ڏڪڻيءَ، پريشانيءَ، بيچيني ۽ ڪمزوريءَ سان شروع ٿي ورلي ڊليريم، سوداءَ ۽ ورلي جهٽڪن سان پون ٿا. ننڊ جا 3 کان 8 ڏينھن تائين ڊگها دورا پون ٿا. بينوزڊائزايپين (benzodiazepine) دوائن ڇڏڻ جا اگرا اثر تمام گهڻا آھستي پيدا ٿيڻ شروع ٿين ٿا ۽ موتمار ثابت ٿي سگهن ٿا. نڪوٽين (nicotine) ترڪ ڪرڻ جا پيدا ٿيندڙ اگرا اثر آھستي آھستي اٽڪل 24 کان 48 ڪلاڪن کانپوءِ پيدا ٿين ٿا جن ۾ توائي، ڌيان ڌري سگهڻ ۾ تڪليف، پريشاني، بخيلائپ ۽ مٿي جو سور ٿين ٿا. ڪوڪين يا ايمفيٽامين ڇڏڻ جي نتيجي ۾ شديد ساڻائي، سستي ۽ ڦيري پيدا ٿئي ٿي. ڪوڪين ڇڏڻ سان به ڏڪڻي، شديد ڊپريشن ۽ پگهرجڻ واري حالت پيدا ٿي پوي ٿي. گانجي ڇڏڻ سان ڏڪڻي، اوڪارا، الٽي، دست، پگهرجڻ ، توائي ۽ ننڊ جا مسئلا پيدا ٿين ٿا. ڪيفين ڇڏڻ سبب ساڻائي، مٿي جو سور ۽ توائي جھڙا اگرا اثر پيدا ٿين ٿا. پيدا ٿيندڙ شديد اُگرن اثرن جي حالت ۾ طبي علاج ڪرائڻو پوي ٿو. تڪليفن گهٽائن لاءِ ممڪن ٿئي ٿو ته اھڙو فرد جنھن شئي جو عادي آھي ان جو کيس ھلڪو وزن ڏنو وڃي. جڏھن ته عام طور تي ان جي نعم البدل دوا ڏني وڃي ٿي جھڙوڪ: آفيمي دوائن لاءِ ميٿاڊون (methadone) يا الڪوحل لاءِ بينزوڊايازيپن (benzodiazepine). پوءِ انھن جو آھستي آھستي وزن گهٽائي ڇڏجي ٿو.
فروخت
ث. ف. فِروختَن = وڪڻڻ وڪرو ، نيڪالُ ، ويڪرو.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal