
Wiring of the jaws
وائرنگ ـ آف ـ د ـ جا
ٻنھي ڄاڙين جي ڌاتوءَ جي تار سان چرپر بند ڪري ڇڏڻ ته جيئن متاثر ڄاڙيءَ جو ڀڳل ھڏو جڙي سگهي. ورلي علاج جي ھڪ طريقي طور جنھن سان ٿلهائپ (obesity) تي به ضابطو ڪجي ٿو. جڏھن ڀڳل ھنڌ جي علاج لاءِ اھو طريقو استعمال ڪجي ٿو ته ڄاڙين کي ھڪ مخصوص حالت ۾ 6 ھفتن لاءِ بند ڪجي ٿو. جڏھن ته وزن گهٽائڻ لاءِ ڄاڙين کي ھڪ ڊگهي عرصي ھڪ سال تائين به بند ڪري سگهجي ٿو. ٻنھي حالتن ۾ اھڙو فرد ڪجهه به چٻاڙي نٿو سگهي پر رڳو پاڻيٺي يا نيم پاڻيٺي غذا استعمال ڪري سگهي ٿو. وزن گهٽائڻ لاءِ استعمال ٿندڙ ھي طريقو عام طور تي ڪامياب نٿو وڃي. ڇاڪاڻ ته، تارون ڪڍڻ کانپوءِ اھو فرد ساڳيون غذائي عادتون اختيار ڪري ٿو.