SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Weight loss

(click word to listen sound
  • 🔊
  • weit
  • lɔs
  • stɔkpraislɔs
  • )

From the Dictionary of Haematology:

Weight loss

ويٽ لاس

وزن ۾ لاٿ، وزن ۾ کوٽ، ٿولھ ۾ ڪمي


ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Weight loss

ويٽ.لاس

جسم جي ڪنھن وقت به جڏھن توانائيءَ حاصل ڪرڻ جي ڀيٽ گهڻي خرچ ٿئي ٿي ته وزن ۾ گهٽتائي ٿئي ٿي. اھڙي گهٽتائي ڄاڻي واڻي وزن گهٽائڻ لاءِ ڪجي ٿي، غذا ۾ يا سرگرمين ۾ تبديلي آڻجي ٿي. اھا ڪنھن بيماريءَ جي به نشاني ٿي سگهي ٿي. جڏھن وزن جي گهٽجڻ جي ڪارڻ جي ڄاڻ نه ھجي تڏھن ڪنھن ڊاڪٽر کان پنھنجي تپاس ڪرائڻ گهرجي. ڪيترين بيمارين سبب بک مري وڃڻ ڪري وزن گهٽجي وڃي ٿو، مايوسي (depression) سبب کائڻ جو رجحان گهٽجي وڃي ٿو، پيپٽڪ السر (peptic ulcer) سبب پوندڙ سور ڪري ممڪن ٿئي ٿو ته کاڌي کان پاسيرو رھجي ۽ گُردن جي ڪن بيمارين سبب يوريميا (uraemia) ٿي پوڻ ڪري بک مري وڃي ٿي. اينوريڪسيا نرووسا (anorexia nervosa) ۽ بُليميا (bulimia) پيچيده نفسياتي عنصر ڪنھن فرد جا غذائي طور طريقا متاثر ڪري وجهن ٿا. ھاضمي جون تڪليفون جھڙوڪ: گئسٽروانٽيرائيٽس (gastroenteritis) ۾ ٿيندڙ الٽي ڪري وزن گهٽجي وڃي ٿو. لڪيءَ (ڏسو، oesophagus, cancer of) ۽ معدي جي ڪينسر ۾ به ايئن وزن گهٽجي وڃي ٿو جيئن آنڊي يا لب لبي (pancreas) جي غذائي ناقص جذبيت (malabsorption) سبب گهٽجي وڃي ٿو. ڪن نقصن سبب جڏھن ميٽابولي سرگرمي تيز ٿي وڃي ٿي ته وزن گهٽجي وڃي ٿو. ٻيا ڪيترا مثال آھن جھڙوڪ: ڪنھن به قسم جي ڪينسر، سلهه جھڙو شديد انفيڪشن ۽ ھائپرٿائروائڊزم (hyperthyroidism). ڊائبيٽيز ميلائيٽس (diabetes mellitus) جو علاج نه ڪجي ته ڪيترن پھلوئن سبب وزن گهٽجي وڃي ٿو.


Remember Me Also:

ڳانوڻ

مصدر . سن . گَيَ= ڳائن ڳائڻ . ڳانئِيو ، ڳانئِيندو ، ڳانيَلُ. اسم . ڳيچ ، ڳيو .

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal