SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Water-borne infection

(click word to listen sound
  • 🔊
  • wɔːtər
  • bɔːn
  • infekʃən
  • )

ميڊيڪل سائنس جي لغت مان

Water-borne infection

واٽر ـ بارن ـ انفيڪشن

پاڻيتي، پاڻيءَ رستي پکڙجندڙ بيماري/ روڳ. ڪا به اھڙي بيماري جيڪا پاڻيءَ ۾ موجود ڪنھن روڳيندڙ يا پيراسائٽي جيوڙي سبب پکڙجي. بيمارين ۾ تڏھن وچڙجي ٿو جڏھن غليظ / ڪنو پاڻي پيئجي ٿو، کاڌي کي غليظ ڪري ٿو يا اھڙي پاڻيءَ ۾ ترجي ٿو يا جهاڳجي ٿو. سڄي دنيا ۾ گندو پاڻي پيئڻ مختلف بيمارين جي ڦھلجڻ جو ھڪ اھم ذريعو ٿئي ٿو جنھن ۾ ھيپيٽائيٽس اَي (hepatitis A)، ڪيترا وائرس ۽ بئڪٽيريا ڊائريا، ٽائفائيڊ بخار، ڪالرا، امِيبِاسس (amoebiasis) ۽ ڪن قسمن جي ڪينئن جون بيماريون ٿي پون ٿيون. ڪني پاڻيءَ ۾ وھنجڻ ۽ ترڻ کان پرھيز ڪرڻ گهرجي، جيڪڏھن اھڙو پاڻي پي وڃجي ته بيمار ٿيڻ جو خطرو ٿي پوي ٿو. ان کانسواءِ ھڪ قسم جو ليپٽواِسپائروسس (leptospirosis) بيماري اھڙي پاڻيءَ سان لاڳاپي ۾ اچڻ سان ٿي پوي ٿي جيڪو ڪوئيءَ جي پيشاب سبب غليظ ٿي ويو ھجي. استوائي ملڪن ۾ شِسٽوسوميائسِس (bilharzia/schistosomiasis) ٿيڻ جو به خطرو رھي ٿو جيڪا سنگين بيماري ھڪ پيراسائٽي فلوڪ جي چمڙيءَ رستي جسم ۾ داخل ٿيڻ سان ٿي پوي ٿي.


Remember Me Also:

وير وير

وير وير

وري وري، هر هر، بار بار، موٽي.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal